انساني دماغ مان اڻوڻندڙ يادن جو خاتمو ٿي سگهندو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ سائنس انساني عقل کي دنگ ڪندڙ ڪارناما انجام ڏئي رهي آهي. ڇا ڪڏهن ڪنهن اهو سوچيو هو ته انسان جو دماغ جيڪو قدرت جي تخليق آهي ان کي سائنس پنهنجي مرضي سان ڪنٽرول به ڪري سگهندي. هاڻ هڪ اهڙي نيورو ٽيڪنالوجي تي ڪم شروع ڪيو پيو وڃي جنهن سان انسان پنهنجي دماغ مان اڻوڻندڙ يادون مٽائي سگهندو. ميموري ايڊيٽنگ جي ٽيڪنڪ ڊي ڪوڊ نيورو فيڊ بيڪ(ڊڪ نيف) پوسٽ ٽرامينڪ اسٽريس ڊس آرڊر(پي ٽي ايس ڊي) جي لاءِ متعارف ڪرائي وئي هئي يعني اهڙو شخص جنهن سان ڪا سنگين نوعيت جو حادثو پيش آيو هجي ۽ اهو  ان صدمي مان ٻاهر نه نڪري سگهندو هجي ان جي علاج جي لاءِ ايجاد ڪئي وئي هئي نئين تحقيق موجب ايم آر آءِ اسڪينر جيان اليڪٽرو ميگنيٽ جو استعمال ڪندي آرٽيِفيشل انٽيليجنس جي تحت دماغ ۾ ٿيندڙ تبديلين جي خبر لڳائي  سگهجي ٿي. پر هاڻ هن ٽيڪنڪ کي دماغ کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. ڪمپيوٽيشنل نيورو سائنس ليب جي هڪ سائنسدان اوريليو ڪورئيس جو چوڻ آهي ته مشين کي اها خبر هجڻ تمام صروري آهي ته انساني دماغ ڪهڙي طرح ڪم ڪندو آهي.هنن واضح ڪيو ته اها مشين انسان جي دماغ ۾ لڳائي ويندي ۽ پوءِ اسان ان کي پنهنجي مرضي سان ڪنٽرول ڪري سگهنداسين. هن ٽيڪنڪ (ڊڪ ليف) جي ٻئين مرحلي ۾ انساني دماغ مان اڻوڻندڙ يادون ختم ڪرڻ تي ڪم ڪيو ويندو. 

پهنجو تبصرو موڪليو