انجلينا جولي جو انسٽا گرام تي فالوئرز جو عالمي رڪارڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي 46 سالن جي مقبول ترين اداڪارا انسٽاگرام تي 3 ڪلاڪن ۾ 21 لک فالوئرز حاصل ڪرڻ جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. هن گذريل جمعي تي افغانستان جي هڪ ڇوڪري پاران جيءُ جهوريندڙ خط شيئر ڪرڻ لاءِ انسٽا گرام تي اڪائونٽ کولي پوسٽ شيئر ڪئي هئي. جنهن ۾ ڇوڪري چيو هو ته 15 آگسٽ تي ڪابل تي طالبان جو قبضو ٿيڻ بعد افغان عورتون سوشل ميڊيا تي پنهنجا سور سلڻ کان محروم ٿينديون پيون وڃن، اوهان اسين مجبور عورتن جو آواز بڻجو. اينجلينا جولي جيئن پوسٽ شيئر ڪئي ته 3 ڏينهن ۾ سندس فالوئرز جو تعداد 70 لک ٿي ويو. اڳ ۾ ٿوري وقت ۾ 10 لک فالوئرز جو اعزاز حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ برطانوي اداڪار روپرٽ گرنٽ ۽ براڊ ڪاسٽر سر ڊيوڊ اٽنبورو جو هو جيڪو هنن پوڻڻ پنجن ڪلاڪن ۾ ايترا فالوئرز مليا جيترا جولي کي 3 ڪلاڪن ۾ مليا.

پهنجو تبصرو موڪليو