انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب عوام مشڪلاتن ۾

ڊرگهه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ) انتظاميه جي نااهلي ۽ برساتون ڪاڇي جي تاريخي شهر ڊرگھ بالا  ۽ آس پاس جي رهواسين لاء عذاب بڻجي ويون  گذريل رات پيل معمولي برسات دوران ڊرگھ بالا شهر سميت پنجاھ کان وڌيڪ ڳوٺن جو جوهي تائين رستو سفر لائق ئي نه رهيو, رهواسي مشڪلاتن کي منهن ڏيئي رهيا آهن برسات سبب  ڊرگھ بالا شهر جي يوسي آفيس ڊرگھ بالا اڳيان چار سال پهرين پيل گهاري مان مسافر بس لنگهندي معجزانا طور حادثي کان بچي وئي. مسافر جي جان بچائڻ لاء بس مان  لاٿا ويا  ڦاٿل بس کي وڏي  ڪوششن بعد مسافرن ۽ مالڪن گڏجي کاهي مان ڪڍي ورتو ياد رهي ته سانوڻي جي پيل برساتن دوران ڊرگھ بالا شهر کان جوهي تائين روڊ مڪمل طور تباه ٿيل آهي  ڊرگھ بالا ۽ جوهي تڪ تان هڪ ايم اين اي ايم پي اي ليڊيز ونگ جي مخصوص سيٽ واري چونڊيل ايم پي اي, هڪ وزير اعلي جو صلاحڪار ڊرگھ بالا شهر جي روڊ جي مالڪي نه ڪري سگهيا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو