انتظاميا قبلو درست ڪري، ڪارڪردگي بهتر ڪريو، چانڊيو

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) وزير اعلى سنڌ جي امداد ۽ بحالي واري صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو پاران ضلعي جي سمورن آفيسرن سان درٻار ھال ۾ تعارفي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آغاشاھنواز خان،  ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر، ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح، ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر، وڏي وزير جو اسپيشل اسسٽنٽ پير نور الله قريشي, ضلعي صدر پي پي پي حاجي محمد رمضان چانڊيو, جنرل سيڪريٽري حاجي سائين بخش جمالي، چيئرمين ايريا واٽر بورڊ قبول محمد کٽياڻ، اڳوڻو ايم پي اي محمد نواز چانڊيو سميت ضلعي جي سمورن آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ آفيسرن پاران پنهنجن کاتن جي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. انهي موقعي تي صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو چيوته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪوچيئرمين آصف علي زرداري جا ٿورائتا آهيون جنهن اهم ذميداري ڏني آهي. گڏجاڻي ۾ شهرين پاران پوليس، انڊس اسپتال، لوڪل گورنمينٽ، ايريگيشن، پبلڪ هيلٿ سميت ٻين کاتن خلاف شڪايتون ڪيون ويون جنهن تي صوبائي صلاحڪار يقين ڏياريندي چيوته ضلعي بدين جي ماڻهن جا سب جائز مسئلا جلد حل ڪيا ويندا. هن پوليس کاتي کي ھدايتون ڏيندي چيو ته ضلعي بدين ۾ چوري جون وارداتون تيزي سان وڌي رھيون آهن پوليس انهن وارداتن کي روڪڻ لاء جامع قدم کڻي ۽ 3 ڏينهن ۾ رپورٽ  پيش ڪئي وڃي. ھن انڊس اسپتال جي خلاف عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي انڊس اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر اخلاق احمد کي آخري وارننگ ڏيندي چيو ته انڊس انتظاميا پنهنجو قبلو درست ڪري انڊس خلاف شڪايتون وڌنديون پيون وڃن اسپتال ۾ اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ڪنهن به مريض کي ٻئي شھر ريفر نه ڪيو وڃي هن انڊس اسپتال جي انچارج کان 3 ڏينهن ۾ تفصيلي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي. هن ڊپٽي ڪمشنر بدين کي هدايتون ڏيندي چيوته اڳوڻي سول اسپتال کي 24 ڪلاڪ فنڪشنل ڪرڻ ۽ سٽي او پي ڊي کي فعال بنائڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهي هڪ مهيني ۾ رپورٽ ڏني وڃي. پاڻي جي کوٽ متعلق صوبائي صلاحڪار چيوته ارسا جي نااهلي سبب ضلعي بدين سميت پوري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي هن چيوته کوٽ هوندي به ڪوشش ڪري پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو ويندو. هن شهرين کي اپيل ڪندي چيوته ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ڪووڊ ويڪسينيشن ڪرائن ۽ سماجي وٿي پڻ رکي وڃي. هن چيوته ايس او پي تي عمل ڪري ڪورونا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان بريفنگ ڏيندي چيو ته ماڻهن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي اولين ترجيع آهي هن چيوته ضلعي ۾ ڪووڊ ويڪسينيشن جو عمل تيزي سان جاري آهي مختصر وقت ۾ 10 لک جي ٽارگيٽ  مان 3 لک ماڻهن کي ويڪسين  مڪمل ٿي چڪي آهي ھن وڌيڪ چيو ته 23 تاريخ تي هاءِ ڪورٽ ۾ ترقياتي ڪمن جي متعلق ٻڌڻي دوران بدين ضلعي جي ترقياتي اسڪيمون وقت تي مڪمل ڪرڻ جي تعريف پڻ ڪئي وئي هن چيوته اھا ڪاميابي صرف ضلعي انتظاميا جي نه پر ضلعي جي سموري سياسي قيادت جي پڻ آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو