اناڙي آهيون، جو بائيڊن، اعلان کان ثبوت بهتر آهي، ميڪرون

روم (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر جو بائيڊن يورپ جي دوري تي پهچي ويو، اٽلي جي شهر ويٽيڪن ۾ پوپ فرانڪس ۽ فرانس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون، اٽلي جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقاتان ڪيون. هو يورپي يونين جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ ايندڙ مهيني اسڪاٽ لينڊ ۾ رٿيل موسمياتي تبديلي بابت سمٽ ۾ شرڪت ڪندو. فرانسيسي صدر سان سندن سفارتخاني ۾ ٿيل ملاقات دوران جو بائيڊن چيو ته آسٽريليا کي نيوڪليئر سب ميرين ڏيڻ بابت ڊيل جو مونکي اندازو نه هو ته اوهان کي اطلاع ٿيل ناهي. اسين اناڙي هئاسين ۽ منهنجو خيال هو ته فرانس کي ان بابت خبر آهي.

From Left Brigitte Macron and Jill Biden, screen shot

ڪجهه هفتا اڳ آسٽريليا سان ڪيل معاهدي جنهن ۾ برطانيا به شريڪ هو، ان سبب فرانس کي 37 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو هو، جنهن تي فرانس جي پرڏيهي وزير چيو هو ته امريڪا اسانکي پٺيءَ ۾ خنجر هنيو آهي. فرانس ان ڊيل بعد آسٽريليا ۽ امريڪا مان پنهنجا سفير واپس طلب ڪيا هئا. ملاقات بعد صدر ميڪرون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀروسو پيار هوندو آهي، اعلان سٺا هوندا آهن پر ان جو ثبوت بهترين عمل هوندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو