اميرڪي صدر پاران حملوڪندڙن کي ڳولي سزا ڏيڻ جو حڪم

ڪابل(ويب ڊيسڪ) اميرڪي صدر جو بائيڊن فوجي ڪمانڊرن کي حڪم ڏنو آهي ته ڪابل هوائي اڏي جي ذميواري قبول ڪندڙن کي ڳوليو ۽ کين سزا ڏيو. اهڙو حڪم هن وائيٽ هائوس ۾ خطاب دوران ڏنو. هن ڪابل مان پنهنجي ماڻهن کي ڪڍڻ جون ڪوششون تيز ڪرڻ به هدايت ڏني آهي. اميرڪي سينٽرل ڪمانڊ جي جنرل فرينڪ ميڪينزي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ٻيهر به حملو ٿي سگهي ٿو. گذريل ڏينهن هڪ پويان ٻئي خود ڪش حملن ۾ 90 ماڻهو مارجي ويا هئا جن ۾ 13 اميرڪي فوجي، ٻار، عورتون ۽ عام شهري به ان ۾ شامل  هئا. 150 ٻيا زخمي ٿيا هئا. داعش حملي جي ذميوري قبول ڪئي هئي.  برطانوي وزيراعظم بورس جانسن حملي کي قابل نفرت قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان انخلا آپريشن نه روڪيو ويندو. رائٽرز جو چوڻ آهي ته حملن بعد  انخلا جي ڪوششن ۾ تيزي اچي وئي آهي. فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا افغانستان جي فٽبال رانديگرن ۽ ايٿليٽس کي ڪڍڻ تي زور ڏنو آهي. ياد رهي ته افغانستان جي قومي فٽبال ٽيم جيو هڪ رانديگرذڪي انوري اميرڪي جهاز ۾ چنبڙي پيو هو ڪري فوت ٿيو هو. آسٽريلن حڪومت 50 عورت ايٿليٽس کي ڪابل مان ڪٺڻ بعد انخلا آپريشن بند ڪيو آهي. نيوزيلينڊ به انخلا آپريشن بند ڪيو آهي. اميرڪا ۾ جو بائيڊن انتظاميا تي جلدبازي ۾ نڪرڻ ۽ هوائي اڏي جي سيڪورٽي طالبن حوالي ڪرڻ تي تنقيد ٿي رهي آهي. هن وقت 1500 اميرڪي شهري افغانستان ۾ آهن، 400 برطانوي ۽ 200 جرمن شهري ڪابل ۾ آهن. فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن پنهنجا شهري ڪڍي ورتا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو