اميد ته طالبان جيڪو چون ٿا ان تي عمل به ڪندا، جو بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪي صدر جوبائيڊن چيو آھي تھ طالبان جِي ڳالهين تي يقين نه ڪنداسين، انهن جَي عمل کي ڏسنداسين، اميد ته طالبان واعدن تي قائم رهندا، امريڪا کي اندازو نه هو ته افغان صدر اشرف غني ملڪ ڇڏي ڀڄي ويندو امريڪي صدر جو بائيڊن قوم کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، امريڪا جِي ڊگهي افغان جنگ پڄاڻي تي پهتي، افغان جنگ جَي خاتمي جو فيصلو مون ڪيو، افغانستان مان امريڪي فوجن ۽ شهرين جِي واپسي وارو چئلينج مڪمل ڪيو. افغانستان مان جيڪو به نڪرڻ چاهي، اُن کي اجازت هجڻ گهرجي، طالبان رنڊڪ نه بڻجن، افغانستان ۾ داعش جِي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين، امريڪي صدر چيو ته روس ۽ چين چاهين ٿا ته امريڪا افغانستان ۾ ڦاٿل رهي، دنيا تبديل ٿي رهي آهي، اسان چين ۽ روس سان مقابلو ڪري رهيا آهيون، سائبر حملا ٿي رهيا آهن،

پهنجو تبصرو موڪليو