امن قائم ڪرڻ، جوا ۽ منشيات جا اڏا بند ڪرڻ لاءِ فليگ مارچ

ڪشمور (رپورٽ اصغر علي چانڊيو ) ڪشمور ۾ ايس ايس پي امجد شيخ جي حڪم تي ايس ايڇ او ڪشمور جي اڳواڻي ۾ شھر ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ مختلف ھنڌن تي فليگ مارچ ڪيو ويو. ڪشمور مسلم  بازار روڊ ،مراد واھ روڊ ، شاھي واھ روڊ تي  موٽرسائيڪل سوار سوين پوليس جي جوانن فليگ مارچ ڪيو ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي ڪشمور ضلعي ۾ پوسٽنگ بعد ننڍن وڏن شهرن ۾ سماجي براين جي خاتمي لاءِ پوليس کي ھدايتون ڪيون ويون آهن ايس ايڇ او ڪشمور اڪبر علي چنا فليگ مارچ دوران شھر ۾ ھوٽل مالڪن کي ھوٽلن تي انڊين فلمون ھلائڻ تي ڪارروائي جو چتاءُ ڏنو سنوڪر گيم ھلائيندڙن خلاف به ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويندو ھن چيو ته ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جي حڪم تي فليگ مارچ ڪري امن امان جي صورتحال کي بھتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون شھرين کي پوليس ڀرپور تعاون جي اپيل ڪجي ٿي ڪنهن اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ھر وقت تيار آهيون ڏوھن ۾ ملوث جوابدارن کي ڪنهن صورت بخش نه ڪيو ويندو،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو