امريڪا جو پهريون ڪاري نسل جو پرڏيهي وزير فوت ٿي ويو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو امريڪي فور اسٽار جنرل ۽ پرڏيهي کاتي جو وزير يعني سيڪريٽري اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ڪولن پاول 84 سالن جي ڄمار ۾ ڪورونا وائرس سبب وفات ڪري ويو. ٽن امريڪي صدرن جي دور ۾ اهم عهدن تي رهندڙ پهريون ڪاري نسل جو اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري ويٽنام جنگ م زخمي ٿيو هو. هو جڏهن امريڪي فوج جو ٽپ ڪمانڊر هو ته هن ڪويت تي قبضو ڪندڙ عراقي فوج کي ڪڍيو هو. سندس فيملي فيسبڪ تي بيان جاري ڪري سندس موت جو اعلان ڪيو. هن ويڪسين جا ڊبل ڊوز به هڻايا هئا پر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هو ڪورونا سبب فوت ٿيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو