سڪرنڊ (فقير راج ڪماراوڏ)سائين جي ايم سيد جي فرزند ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ قائد حزب اختلاف نالي واري سماج سڌارڪ سيد امداد محمد شاھ جي 16 هين ورسي امداد فائونڊيشن پاران سندس آخري آرام گاھ ڳوٺ مجيد ڪيريو ۾ ملهائي وئي. سندس پاران سنڌ لاءِ ڪيل خدمت تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ورسي جي موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو ته بابا سائين سيد امداد شاھ سدائين اجتماعي سوچ کي فروغ ڏنو ڪڏھن به انفراديت کي اهميت نه ڏني اڄ سڪرنڊ جي ڳوٺن جا اسڪول ۽ رستا سندس ڪاوشن جو مثال آهن. جڏھن ته ننڍي وڏي ڳوٺ ۾ سرڪاري ڊسپينسريون قائم ڪرڻ به سندس اولين ترجيح هوندو هو هن چيو ته اڄ سڄڻ توڙي دشمن ان ڳالهه کان انڪار نه ڪندا ته سيد امداد شاھ اجتماعي سوچ جي ڪري هر ان ڳوٺ ۾ به ترقياتي ڪم ڪرايا جيڪي حلقي ۾ نه هئا پر حقدار سمجهي کين سهولتون مهيا ڪيون هن چيو ته امداد شاھ اسيمبلي ۾ حڪمرانن جي غلط ڪمن جي ڪڏھن به حمايت نه ڪئي ۽ اڄ اسان ان جا تربيت يافته به اهو عهد ڪري چڪا آهيون ته ظلم نه ڪبو نه سهبو سيد امداد شاھ نه صرف هڪ سٺو سياستدان سماج سڌارڪ هو پاڻ گهڻ رخي شخصيت هوندو هو. سائين جا ڪيل فيصلا اڄ به تاريخ ۾ ياد ڪيا وڃن ٿا. ڪڏھن به فيصلن ۾ پنهنجي پرائي جو خيال نه ڪيائون حق ۽ سچ جو فيصلو ٻڌائيندا هو. ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ امير علي ٿيٻو چيو ته سائين امداد شاھ جي ايمانداري ۽ اجتماعي سوچ جا قصا ۽ ڳالهيون جڏھن سندس دوست يا ڳوٺ وارا ٻڌائيندا آهن. اسان کي فخر آهي ته اسان سائين امداد محمد شاهه جا پوئلڳ آهيون. ورسي دوران امداد محمد شاھ جي مزار تي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون جڏھن ته صبح جو قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو پڻ اهتمام ڪيو ويو. ورسي تقريب ۾ علائقي جي اهم شخصيتن صحافين سياستدانن ۽ ايس يو پي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ورسي تقريب ۾ سيد ضياء شاھ . پروفيسر انعام ڀٽي ، فلڪ شير اوڏ ، ڪامريڊ اياز علي عمراڻي ، ساگر ڏهراج، مجيب ماڇي ، ڌڻي بخش ڪلوئي ، استاد ليکڪ غلام حسين جوڻو، غلام مصطفيٰ ڪيريو . قربان مگسي . عمران ڪيريو ۽ ٻيا موجود هئا.
آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر تبديل، نوٽيفڪيشن جاري
بائيڊن جو شهباز کي خط،نيڪ خواهشن جو اظهار
ٻن مٿن ۽ هڪ جسم وارين ڇوڪرين جي شادي ٿي وئي
ڪڪڙ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل
اين اي 207 تان آصفه ڀٽو بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ جي ميمبر منتخب
معيشت جي بهتري لاءِ سياسي يا انتظامي دٻاءُ برداشت نه ڪبو
’سي سي آءِ‘ جي جوڙجڪ، ناڻي جو وزير آئوٽ، ڊار اِن
پي ايس 80 تي پ پ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري
بيدردي سان قتل ٿيل نينگر جو لاش رکي ڌرڻو، وزير جو نوٽيس
خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو اعلان
ڌاڙيلن خلاف غيرمعمولي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي
ايڪس صارفين لاءِ مشروط مفت سروسز جو اعلان
گلستان جوهر ۾ بخشاپور واسي نوجوان قتل
ملڪ جي آمدني کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ سان سيڙپڪاري بهتر ٿيندي
پنجاب ۾ ’نواز شريف هاري ڪارڊ‘ جاري ڪرڻ جي منظوري
بابر اعظم کي ٻيهر ڪپتاني ڏيڻ جو فيصلو
احترام رمضان سبب شهيد ڀٽو جي ورسي وارو جلسو ملتوي
سينيٽ اليڪشن، پنجاب اسيمبلي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل
مريم نواز کي پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ گهرجن
پرويز الاهي ۽ ٻيا جوابدار 4 اپريل تي فرد جرم لاءِ طلب