النورمل 4 مهينن بعد به ڪمند جي ادئگي نه ڪئي، آبادگار پريشان

شاهپور جهانيان (اسد ٻگهيو) النور شگر مل انتظاميا جا غريب آبادگارن سان ڪلور جاري ، النور شگر مل انتظاميا پاران ڪمند جي هزارين آبادگارن کي ڪروڙين روپين جون رهيل بقايائون ادا نہ ڪيون ويون. النور شگر مل انتظاميا سپريم ڪورٽ جو حڪم ٿڏي ڇڏيو، مل مالڪن جي اهڙين بيواجبين خلاف شاهپور جهانيان ڀرسان ڳوٺ حاجي سليمان ٻگهيو ۾ آبادگارن ، زميندارن ۽ هارين جي گڏيل گڏجاڻي ٿي ، گڏجاڻي ۾ ڪمند جي آبادگار تحريڪ اڳواڻ عبدالفتاح ٻگهيو ، غلام حيدر بڙدي ، عزيزالله ڀٽي ، محمد يوسف آرائين ، محمد بخش ڪورائي ، محمد جمن ٻگهيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، گڏجاڻي دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو تہ النور شگر مل انتظاميا آبادگار دشمن آهي ، مل انتظاميا ڪمند جي آبادگارن سان وڏي بيواجبي ڪئي آهي ، هنن چيو تہ شگر مل جي ايم امجد عباسي ، اڪائونٽ آفيسر سهيل ، عمران گوگن ۽ ابراهيم جي ملي ڀڳت سان آبادگارن جون ادائگيون روڪي کين ڪروڙين روپين جو نقصان پهچايو آهي. هنن چيو ته شگر ڪين ايڪٽ تحت شگر مل کي مڪمل پيمينٽ 15 ڏينهن اندر ڪرڻي آهي، جيڪا 4 مهينا گذرڻ باوجود نہ ڪئي وئي آهي . هنن وڌيڪ چيو تہ ڪمند جي بقايا رقم نہ ملڻ ڪري آبادگار پنهنجي نئين فصل کي ڀاڻ ۽ دوائون اوڌر تي کڻي ڏئي رهيا آهيون ۽ پنهنجي پئسي هوندي مهانگي اگهه تي خريد ڪريون پيا. هنن فوري ادائگين جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو