يواي اِي(ويب ڊيسڪ) عرب ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته القاعده جو اڳواڻ ايمن الظواهري افغانستان ۾ فوت ٿي ويو آهي. عرب نيوز جي رپورٽ مطابق ته ايمن الظواهري دم جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ ڪجهه وقت کان بيمار هو.هو گذريل هفتي غزني ۾ فوت ٿي ويو. رپورٽ مطابق ايمن الظواہري جي عمر 69 سال ۽ سندس تعلق مصر سان هو آخري ڀيرو سيپٽمبر 2020 ۾ 9/11 جي موقعي تي هن جو وڊيو پيغام آيوهو. آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن کي الظواہري جي موت جي خبر ملي آهي پر ان جي تصديق يا ترديد نٿا ڪري سگهون. ياد رکڻ گهرجي ته اسامه بن لادن جي موت کان پوءِ بين الاقوامي دهشتگرد تنظيم القاعده جي قيادت تي ايمن الظواہري قبضو ڪري ورتو هو ۽ هو انهن جو ويجهو ساٿي هو. تازو ئي آمريڪي ميڊيا اها دعويٰ ڪئي ته اسرائيل جي ايجنٽن عبدالله احمد عبدالله جيڪو ايران ۾ هڪ ڪارروائي دوران القاعده جو ڊپٽي سربراه ابو محمد المصري جي نالي سان پڻ مشهور هو جيڪو مارجي چڪو آهي.آمريڪي عملدارن اسامه بن لادن جي پٽ حمزا جي موت جي به دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪي ميڊيا انٽيليجنس ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته ابو محمد المصري القاعده جو ٻيو ڪمانڊر آگسٽ ۾ تهران ۾ هڪ موٽرسائيڪل تي سوار ٻن اسرائيلي ايجنٽن پاران فائرنگ ڪري ماريو ويو هو.ابو محمد المصري سان گڏ هن جي بيوه ڌيءَ کي به قتل ڪيو ويو ابومحمد المصري جي ڌيءُ حمزه بن لادن جي زال هئي جيڪو القاعده جي ليڊر اسامه بن لادن جو پٽ هو.
ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ بڻجڻ وارن تجربن بابت زارا نور ڇا ٿي چوي؟
جاپاني شهرين تي حملي جي ابتدائي جاچ ۾ اهم پيش رفت
علامه ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي
بارش سبب 3 ڏينهن دبئي ۾ ڦاٿل ڪرڪيٽر آمريڪا پهچي ويا
يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
ٽرمپ جي عدالت ۾ حاضري وقت هڪ شهري جي خود سوزي
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف