الطاف کي لنڊن پوليس ناڪافي ثبوتن سبب آزاد ڪري ڇڏيو

لنڊن(م ڊ) متحده قومي موومينٽ جي باني الطاف حسين کي لنڊن پوليس ٻه ڏينهن رکڻ بعد ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي. لنڊن پوليس چيف جو چوڻ آهي ته ڪيس هلائڻ جهڙا پختا ثبوت نه هئڻ سبب کيس آزاد ڪيو ويو آهي. الطاف حسين کي برطانيا جي 2007 ۾ منظور ڪيل سنجيده جرائم واري قانون هيٺ ٻه ڏينهن اڳ حراست ۾ ورتو هو. الطاف حسين 22 آگسٽ 2016 ۾ ڪارڪنن کي خطاب ۾ پاڪستان مرده باد جا نعرا هڻندي کين تشدد لاءِ اڪسايو هو. جنهن بعد ٻئي ڏينهن تي معافي وٺندي چيو هو ته هو ذهني دٻاءَ جو شڪار هو. جنهن بعد فاروق ستار متحده پاڪستان ٺاهي ۽ بعد ۾ مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پارٽي ٺاهي هئي. سائوٿ وارڪ پوليس اسٽيشن ٻاهران الطاف جي حامين سندس حق ۾ نعرا هنيا.

پهنجو تبصرو موڪليو