افغان صورتحال معيشت ۽ سنڌ تي پوندڙ ناڪاري اثر

ليکڪ  جاويد سولنگي افغانستان جي غير واضع سياسي صورتحال پاڪستان جي معيشت لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿئي رھي آھي، ڇاڪاڻ جو پاڪستان معيشت ھميشہ آئي ايم ايف يا وري قرض ڏيندڙ ملڪن جي شرطن جي تابع رھي آھي، مٿان وري غير ملڪي سيڙپ نہ ھجڻ جي برابر آھي. اھڙا حالات پاڪستان جي معيشت لاءِ خطري جي گهنٽي طور محسوس ٿي رھي آھي. گذريل ڪجھ سالن دوران پاڪستان جي معيشت ترقي جي بدران تذلي جو شڪار رھي، مالي سال 2020 پاڪستان جي معيشت لاءِ خراب ترين سال رھيو. پاڪستان جي معيشت تي افغانستان جا حالات ھميشہ کان ئي اثرانداز ٿيندا رھيا آھن. افغانستان جي تازي صورتحال ان حوالي سان پريشان ڪندڙ آھي، جتي طالبان ڪابل تي قبضو حاصل ڪري ورتو آھي ۽ حڪومت سازيءَ لاءِ جوڙ توڙ جاري آھي.گذريل مھيني کان طالبان پاران افعانستان جي مختلف علائقن تي قبضي کان پوءِ پاڪستاني اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙپ  ۾ گهڻي حد تائين گهٽتائي نظر آئي ۽ سيڙپ نہ ھجڻ جي برابر رھي. افغان صورتحال جا پوري خطي تي ناڪاري اثر پيا آھن. ان حوالي سان پاڪستاني ۽ ٻاھريان ڪاروباري ماڻھون ڪنھن بہ قسم جي سيڙپ ڪرڻ کان لنوائنيدي ڏسو ۽ انتظار ڪريو واري پاليسي تي عمل ڪري رھيا آھن. معيشت جي ماھرن مطابق، افغانستان ۾ ھن مھل تائين گهڻي حد تائين خونريزي ۽ خانہ جنگي نہ ھجڻ جي ڪري پاڪستان ۽ ان جي معيشت لاءِ ھڪ سٺو سنوڻ آھي، تنھن ھوندي بہ پاڪستان جا معاشي ۽ مالياتي ماھر مستقبل جي صورتحال جو اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن تہ حالات ڪھڙو رخ اختيار ڪري سگهن ٿا. پاڪستاني معيشت جي واڌ مالي سال 2020 ۾ ڪاٺو صفر 4 فيصد رھي ۽ مالي سال 2021 ۾ 4 فيصد تائين وڌي. ايندڙ سال 5 فيصد وڌڻ جو اندازو لڳايو ويو آھي. ان سان گڏوگڏ پاڪستان 6 ارب ڊالر آئي ايم ايف جي پروگرام مطابق پابند ھجڻ جي ڪري  اڪثر معاشي فيصلا ان جي حڪم مطابق ڪيا وڃن ٿا. اھڙن فيصلن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مھگائي جو تناسب تيزي سان وڌڻ جو سبب پڻ آھي.حڪومت پنھنجو ڪرنٽ اڪائونٽ نقصان جي پوراءُ ڪرڻ جي چڪر ۾ قرض جي مٿان قرض کڻي رھي آھي. ڊالر جو اگھ ڏينھون ڏينھن وڏي رھيو آھي، جيڪو پاڪستان جي معيشت جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. ڪابل تي طالبان جي قبضي جي خبرپاڪستان جي معيشت خاص طور پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج  تي ناڪري اثر وڌو ۽ سيڙپ ڪار افغانستان ۾ خانہ جنگي جي ڪري مھاجرين جو پاڪستان جي طرف ھجرت ڪرڻ سبب پريشان رھيو. پاڪستان جي معيشت لاءِ ھڪ ٻيو مسعلو بہ اڀري سگهي ٿو جنھن جي بنياد اھي افواھون آھن تہ  پاڪستان طالبان جي مدد ڪئي جنھن ڪري ھو اقتدار تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، ۽ جيڪڏھن اھو تاثر وڌيو تہ پاڪستان طالبان جي مدد ڪئي آھي تہ پوءِ پاڪستان تي دٻاءُ معاشي پابندين جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. خطي جي خراب صورتحال جي ڪري بہ پاڪستان جي معيشت تي خراب اثر پئجي سگهي ٿو. افغانستان جي موجودہ حالات جي تناظر ۾ پاڪستان مان اسمگلنگ وڌڻ جوامڪان بہ ظاھر ڪيو پيو وڃي، ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ کائڻ پيئڻ جي شين ۾ گهٽتائي ۽ مھگائي جو طوفان معيشت کي بري طرح سان متاثر ڪندو. جئين جئين افغانستان جا حالات تبديل ٿئي رھيا آھن ۽ جيڪڏھن  پر امن طريقي سان اقتدار جي تبديلي جا معملا حل ٿي وڃن ٿا تہ پوءِ اھو پاڪستان جي معشيت لاءِ فائديمند عمل ثابت ٿيندو. پاڪستاني معيشت ۽ خاص طور تي سنڌ لاءِ گهڻو مسعلو افغان پناھ گير ئي رھيا آھن، جيتوڻيڪ اڃا تائين ھنن جي اچڻ جو عمل گهڻي ڀاڳي شروع ناھي ٿيو پر جيڪڏھن مستقبل ۾ پر امن طريقي سان اقتدار جا معملا حل نہ ٿا ٿين ۽ ڪنھن گهرو ويڙھ جي ڪري افغان پناھ گيرن جي پاڪستان ڏانھن لڏپلاڻ پاڪستان جي معيشت ۽ خاص طور سنڌ لاءِ ڌارين جي لودھ جو سنگين سبب ٿيندي نظر اچي رھي آھي. سنڌ صدين کان شاھڪار، سرسبز ۽ خوشحالي ۽ امن جي ڌرتي رھي آھي، ان سبب جي ڪري سنڌ اڳ ۾ ئي ڌارين جي اڻ کٽ لودھ جي ڪري بدامني، بي روزگاري ۽ وڏن توري ننڊن شھرن ۾ اقليت ۾ تبديلي جي خوف کان ڊنل آھي ۽ وڌيڪ ڪنھن بہ قسم جي بار کڻڻ جي حالت ۾ بلڪل بہ ناھي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ پاڪستان حڪومت ۽ خاص طور تي سنڌ حڪومت ڌارين جي لودھ کي واپس پنھنجي ملڪ يا پناھ گاھن ۾ رھائش جو جوڳو بندوبست ڪري، تہ جئين ڌرتي ڌڻي سک جو ساھ کڻي سگهن.  jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو