افغان سفارتي عملو واپس گهرائڻ افسوسناڪ آهي، ترجمان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري افغانستان پاران پنهنجو سفير ۽ سفارتي عملو واپس گهرائڻ واري فيصلي تي افسوس ظاهر ڪندي کانئن نظر ثاني جو مطالبو ڪيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان ٻڌايو ته افغانستان جي سفير نجيب الله علي خيل جي 16 جولاءِ تي ٿيل اغوا ۽ مٿس تشدد واري واقعي بعد پاڪستان حڪومت ساڻن مڪمل سهڪار ڪري رهي هئي، ڪيس داخل ٿيو ۽ جاچ ۾ ڪافي اڳڀرائي به ٿي آهي. پرڏيهي کاتي جيسيڪڙيٽري افغان سفير نجيب الله سان ملاقات ڪري ٿيل جاچ بابت آگاه ڪيو ۽ واپسي جو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ چيو.  ياد رهي ته افغان سفير جي 26 سالن جي نياڻي جنهن کي اغوا ڪري تشدد ڪيو ويو جنهن بعد صورتحال خراب ٿي. پاڪستان جو ڪابل م سفير منصور احمد خان واپس اسلام آباد پهچي ويو آهي. سندس اغوا جي ڪهاڻي ۽ ان سان لاڳاپيل معلومت بابت هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو