افغان سرحد تي دهشتگردن سان مقابلي ۾ 2 جوان شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج افغانستان مان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن پاڪ افغان سرحد تي لڳل لوهي تار ڪٽي ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي ته فوجي جوانن فوري ڪارروائي ڪندي کين روڪي ورتو ۽ هنن جي سرحد پار ڪرڻ واري ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 فوجي جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب شهيد ٿيل فوجي جوانن ۾ لانس نائڪ اسد ۽ سپاهي آصف شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان دهشتگردن پاران افغان سرزمين جي استعمال جي مذمت ڪري ٿو ۽ اها توقع ڪري ٿو ته افغان حڪومت ڪنهن کي به پاڪستان مخالف سرگرمين جي اجازت نه ڏيندي. آءِ ايس پي آر مطابق پاڪ فوج دهشتگرديءَ جي خطري خلاف سرحدن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو