افغانستان ۾ طالبان ۽ سيڪورٽي فورسز ۾ گهمسان جي جنگ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي مختلف ضلعن ۾ افعان سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ جهڙپون جاري آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان طالبان حملي ۾ مارجي ويو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان تواب گذريل ڏينهن ضلعي نجراب ۾ طالبان جي حملي ۾ مارجي ويو، جڏهن ته افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته ضلعي بگرام افغان ايئر فورس جو پائلٽ به فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي، ٻئي طرف گورنر پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سيڪيورٽي فورسز شيخ علي جو قبضو طالبان کان واپس وٺي ڇڏيو آهي، پر ضلعي شيخ علي جي مختلف علائقن ۾ طالبان ۽ افغان فورسز وچ ۾ چڪريون جاري آهن، افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن افغان فورسز سيگان، ڪهمرد ۽ چخانسور ضلعن تي قبضو طالبان کان واپس ورتو ويو هو، واضح رهي ته افعانستان ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ افغان حڪومتي وفد ۽ طالبان وچ ۾ اڄ قطر ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن، افغان حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا، اُميد آهي ته طالبان سان نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ٿينديون. ٻئي پاسي رائٽر جي ڀارت ڄائي صحافي زين العابدين جي قتل بعد طالبان اعلان ڪيو آهي ته جيڪو به صحافي افغانستان ۾ ڪوريچ لاءِ اچي ته طالبن کي اڳ ۾ اطلاع ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو