افغانستان ۾ طالبان جو عروج ، زوال ۽ ٻيهر اُڀار جي ڪهاڻي

طالبان حڪومت جي زوال جو اعلان  سن 2001 ۾ افغانستان تي آمريڪي سربراھي ۾ ڪيل حملن کانپوءِ ڪيو ويو ، پوءِ  وقت سان گڏو گڏ طالبان جي طاقت ۾ به واڌارو ايندو رھيو ۽ هاڻي پرڏيهي فوجين جي واپسي کان پوءِ طالبان افغانستان جي مختلف حصن تي ٻيھر قبضو ڪرڻ جي  شروعات  ڪري ڏني آهي.  افغانستان مان آمريڪي ۽ عالمي فوجين جي واپسي هاڻي ڪجھ ئي ڏينهن جي ڳالھ آهي. ٻن ڏھاڪن تائين ھلندڙ جنگ کان پوءِ  وري افغان فوجين جي چوڪين، ننڍن ننڍن علائقن، وڏن شھرن جي ڀر وارن ڳوٺن ۽ صوبائي ھيڊڪواٽرز کي طالبان پنھنجي قبضي ۾ وٺي رھيا آھن ۽ وقت سان گڏو گڏ اھو خطرو وڌي رھيو آھي ته  طالبان شايد هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊيل افغان حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري وٺندا. آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ سڌي ڳالهه ٻولهه سن  2018 ۾ شروع ٿي ۽ دوحا امن معاهدو ٻنهي جي وچ ۾ فيبروري سن 2020 ۾ ٿيو ، جنهن تحت آمريڪا افغانستان مان واپسي کي يقيني بڻائيندو جڏهن ته طالبان  کان آمريڪي فوجين تي حملن کي  روڪڻ جي  ذميواري ورتي ھئي. طالبان کان  اهو به واعدو ورتو ويو  ته  هو  القاعده يا ڪنهن ٻئي ويڙهاڪ گروھ  کي پنهنجي قبضي هيٺ آيل علائقن ۾ ھڪ ھٽي  قائم ڪرڻ نه ڏيندا.  معاهدي جي باوجود طالبان افغان سيڪيورٽي فورسز ۽ شهري آبادين تي حملا ڪري رھيا آھن، گڏوگڏ افغانستان مان آمريڪي فوجين جي واپسي جو عمل به مڪمل ٿيڻ وارو آھي ۽ طالبان به آهستي آهستي ملڪ جي مختلف حصن تي قبضو ڪري رهيا آهن.

Photo courtesy BBC

طالبان جو حڪومت/اقتدار تائين جو سفر

‘طالبان’ هڪ پشتو لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ‘شاگرد’ ۽ 1990 جي ڏهاڪي ۾ سوويت فوج جي واپسي کان پوءِ پاڪستان جي اترين ضلعن ۾ طاقتور ٿيا. ھي تحريڪ  گهڻو ڪري پشتون قوميت جي  ماڻھن تي ٻڌل آھي ۽  ھن تحريڪ مذھبي تعليم ڏيندڙ مدرسن  مان طاقت حاصل ڪئي. جن کي سعودي عرب پاران امداد ملندي رھي ۽ انھن کي سني اسلامي مذھبي انتھاپسندي / سخت گيري واري نصاب مان تعليم ڏني وئي. طالبان طرفان پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقن ۾ اعلان ڪيو ويو ته  ھو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ  انهن علائقن ۾ امن ۽ سلامتي بحال ڪرائيندا  ۽ اسلامي قانون  يعني شريعت تي عمل درآمد کي يقيني بڻائيندا. طالبان ڏکڻ اولهه  افغانستان کان آھستي آھستي  ملڪ جي گھڻن ئي حصن تي اثر حاصل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سيپٽمبر سن 1995 ۾   ايران افغانستان  سرحد  واري صوبي  هرات تي باضابطه طور تي قبضو حاصل ڪري ورتو، هڪ سال بعد هنن افغانستان جي  گادي واري شھر ڪابل تي قبضو حاصل ڪري ورتي ۽ سوويت يونين کي شڪست  ڏيندڙ افغان مجاهدين جي اڳواڻن مان ھڪ  اڳواڻ  برھان الدين رباني کان حڪومت کسي ورتي. افغان عوام سويت فوج جي واپسي ۽ ملڪ مان نڪري وڃڻ کانپوءِ، مجاھدين جي ڪمن ۽  ملڪ ۾ ھلندڙ گھرو ويڙھ کي نظر ۾ رکندي  طالبان جي حڪومت کي  ڀلي ڪار چيو. شروعاتي طور تي سندن مقبوليت گهڻو ڪري ڪرپشن جي خاتمي  ، لاقانونيت جي خاتمي ۽ تجارت کي بهتر بڻائڻ  ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ کنيل قدم جي ڪري ملي  جيئن روڊ ٺاهڻ ۽ علائقي ۾ پنھنجو  ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ. طالبان اسلامي سزائون پڻ متعارف ڪرايون،  جهڙوڪ قتل يا زنا ڪندڙ  مجرم لاءِ سري عام ڦاسي، چور جا هٿ ڪٽڻ، مردن لاءِ ڏاڙهي  لازمي طور تي رکڻ  ۽ عورتن کي برقعو پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو. طالبان ٽيليويزن ، ميوزڪ ۽ سينيما تي به پابندي هڻي ڇڏي ۽ 10 سالن کان وڌيڪ عمر جي ڇوڪرين کي اسڪول وڃڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي.  طالبان تي انساني حقن جي ڀڃڪرين ۽ ثقافتي نشانين کي مسمار ڪرڻ جا الزام  پڻ لڳايا وڃن ٿا. ان جو هڪ مثال سن 2001 ۾ تڏھن ڏسڻ ۾ آيو جڏهن طالبان وچ افغانستان جي باميان واري صوبي جي تاريخي  ٻڌھ جي مجسمن کي ڪيرائڻ وارو واقعو.

القاعده  جون ”پناھ گاھون“

دنيا جو ڌيان  طالبان ڏانھن  تڏھن ويو  جڏهن 9/11 وارو حملو نيو يارڪ تي ٿيو. طالبان تي حملن جي ماسٽر مائينڊ اسامه بن لادن ۽ القاعده کي پناھ ڏيڻ جو الزام لڳايو ويو. 7 آڪٽوبر سن 2001 ۾ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ اتحادي فوجن افغانستان تي حملو ڪيو ۽ ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ طالبان جي حڪومت کي ختم ڪيو.  ان وقت اڳواڻن ۽ ڪجهه ٻين ماڻھن کي ڳولڻ لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو سرچ آپريشن  شروع ڪيو ويو ، پر اسامه بن لادن ، طالبان اڳواڻ ملا محمد عمر ۽ ٻيا سينيئر اڳواڻ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اڪثر سينئر طالبان ڪمانڊروز  پاڪستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ پناهه ورتي ، جتان انھن طالبان کي هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون. بحرحال  پاڪستان ڪوئيٽا  ۾ طالبان جي موجودگيَ کان انڪار ڪندو رھيو. افغانستان ۾ پرڏيهي فوجين جي تعداد ۾ واڌارو اچڻ جي باوجود ، طالبان آھستي آھستي قبضو حاصل ڪندا رھيا ۽ پوءِ ان کي ملڪ جي ٻين حصن تائين  وڌائيندا رھيا.  اهڙي طرح ملڪ جا اڪثر حصا غير محفوظ ٿي ويا ۽ ملڪ ۾ تشدد سن 2001 واري سطح تي پهچي ويو. طالبان ڪابل تي ڪيترائي حملا ڪيا  ۽ سيپٽمبر 2012 ۾  نيٽو جي بيس ڪيمپ اڏي تي وڏو حملو ڪيو. ڳالهين جي ذريعي امن جي قيام جي  اميد سن 2013 ۾ ان وقت نظر آئي جڏهن طالبان قطر ۾ پنھنجي آفيس کولي. تنھن ھوندي به ٻنهي طرفن کان  بي اعتمادي وڌندي رهي ۽ تشدد جاري رهيو.

آگسٽ سن 2015 ۾  طالبان ان ڳالهه کي قبول ڪيو ته ھنن ملا عمر جي موت کي ٻه  سال لڪائي رکيو  ، جنھن جي موت  پاڪستان جي  ھڪ اسپتال ۾  ٿي. ان جي اڳئين مهيني طالبان جٿي/ ميڙ موجب، ھو پنھنجن ئي مختلف جٿن / ٽولن خلاف  هفتي تائين ھلندڙ ڊگهي ويڙهه ختم ڪري هڪ نئون اڳواڻ ملا منصور چونڊيو ، جنھن ملا عمر جي نائب جي حيثيت  سان پنھنجيون ذميواريون سنڀاليون. ان دوران ئي، طالبان سن 2001 ۾ شڪست کان پوءِ پھريون ڀيرو حڪمت عملي  طور اھميت رکندڙ شھر قندوز تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو.  ملا منصور مئي 2016 ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو  ۽ هن جو جانشين هيبت الله اخونزادہ طالبان اڳواڻ مقرر ٿيو، ھي  اڄ به هن ٽولي  جو اڳواڻ آهي.

Photo courtesy BBC

آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جو افغانستان مان نڪري وڃڻ جو  انتظار

فيبروري سن 2020 ۾ معاهدو ٿيڻ کانپوءِ هڪ سال تائين طالبان پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪندي  شهرن ۽ فوجي چوڪين تي حملا ڪرڻ بدران ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ افغان شهرين ۾ دهشت پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. طالبان جي حملن کان متاثر ٿيڻ وارن ۾ صحافي ، امن جي پرچار ڪرڻ وارا ڪارڪن ۽ وڏن عھدن تي ويٺل عورتون شامل هيون، جن کان معلوم ٿيو ته طالبان جي سخت گير نظريي ۾ ڪا به تبديلي نا ھي آئي، صرف انهن جي حڪمت عملي تبديل ٿي آهي. نئين آمريڪي صدر جو بائيڊن اپريل 2021 ۾ اعلان ڪيو ته سڀئي آمريڪي فوجي افغانستان ڇڏي ويندا، جڏھن ته افغان عملدارن جي خدشن جي باوجود ته اهي بين الاقوامي مدد کانسواءِ طالبان سان  وڙهي نه سگھندا.

Photo courtesy BBC

طالبان ٻن ڏهاڪن تائين هڪ عالمي طاقت کي پنھنجي مٿان  ڪنٽرول نه ڪرڻ  ڏيڻ ۽  ڪيترن ئي علائقن تي تيزيءَ سان پنھنجي  ڪنٽرول ھيٺ ڪرڻ ۽ پرڏيهي فوجين جي غير موجودگي، اھو خطرو محسوس ٿئي ٿو  ته ستت ئي ڪابل جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ طالبان ڪامياب ٿي ويندا. طالبان هاڻي پهريان کان به وڌيڪ تعداد ۾ آهن  ۽ نيٽو جي اندازي جي مطابق  انهن ۾  85000 جنگجو شامل ٿيا آهن. اِهو اڃا تائين ٻڌائڻ مشڪل آهي ته طالبان  ھن وقت ڪيتري علائقي تي قبضو ڪري ورتو آهي، ڇاڪاڻ جو ضلعن تي ڪڏهن افغان فوج جي طرفان ته ڪڏهن  طالبان طرفان ڪنٽرول ڪيو وڃي ٿو ، پر هاڻوڪن حالات مطابق اھو ڪنٽرول هن  ملڪ جي ٽئين يا پنجين حصي جي برابر ٿي سگھي ٿو. اڪثر پارٽين  جو خيال آهي ته طالبان جي اڳڀرائي ھنن جي سوچ کا به تيز آهي. افغانستان ۾ آمريڪي قيادت جي مشن جو ڪمانڊر جنرل آسٽن ملر  جون ۾ خبردار ڪيو  ته ملڪ ۾ بدترين گهرو ويڙھ ٿي سگهي ٿي جيڪا دنيا لاءِ هڪ خطرو بڻجي سگهي ٿي. آمريڪي انٽيليجنس ادارن جي هڪ تجزئي مطابق ، افغان حڪومت آمريڪي فوجين جي واپسي کان پوءِ  ڇهن مهينن جي اندر ئي ختم ٿي سگهي ٿي. (هي مضمون بي بي سي اردو تي شايع ٿيو جيڪو سنڌيار اخبار لاءِ جاويد سولنگي ترجمو ڪيو.) jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو