افغانستان ۾ جنگ تيز، طالبان جو سَرِپُل ۽ قندوز تي قبضو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ۽ افغان فورسز ۾ گهمسان جي جنگ جاري آهي ۽ ٻنهي ڌرين پاران ڪاميابي جون دعوئون ڪيون پيو ن وڃن. طالبان جي دعويٰ آهي ته ٻن وڌيڪ اهم شهرن سرِپُل ۽ قندوز تي هنن قبضو ڪري ورتو آهي. طالبان جمعي تي ڏکڻ اولهه ۾ واقع صوبي نمروز جي گادي واري شهر زرنج ۽ ڇنڇر تي جوزجن صوبي جي گادي واري شهر شبرغان جيڪو رشيد دوستم جو ڳڙهه آهي تي قبضي جي دعويٰ ڪئي هئي. افغان فورسز جي دعويٰ آهي ته شبرغان ۾ گذريل رات ايئرفورس جي بمباري سبب طالبان جا سوين جنگجو مارجي ويا هئا.

شبرغان تي افغان سيڪورٽي فورسز قبضو ڪري ورتو آهي ۽ شبرغان طالبان جو قبرستان ثابت ٿيو آهي.

تازو دم دستا پهچي ويا آهن. افغان وزارت دفاع جي نائب ترجمان فواد احمد ٽوئيٽ ڪئي آهي ته مختلف شهرن ۾ 400 کان مٿي طالبان مارجي ويا آهن. هرات ۾ عورتن هٿيار کنيا آهن ء۽ طالبان خلاف وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو