افغانستان ۾ آيل تبديلي ۾ پاڪستان جو فعال ڪردار ناهي، علوي

دبئي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي صدر عارف علوي چيو آهي ته مهنگائي صرف پاڪستان ۾ ناهي پر پوري دنيا متاثر ٿي آهي. اهڙو اظهار هن خليجي اخبار ۽ اماراتي نيوز ايجنسي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ ايل تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪو فعال ڪرادر ناهي اسين رڳو انساني همدردي جي بنياد تي سندن حمايت ڪريون ٿا، ڇو ته مستحم افغانستان ئي پاڪستان لاءِ بهتر آهي. جيڪڏهن افغانستان ۾ حالتون خراب ڪيون ته سڀ کان اڳ ۾ پاڪستان متاثر ٿيندو. هن چيو ته گوادر پورٽ هلندڙ سال مڪمل آپريشن ۾ اچي ويندو اسين چاجيون ٿا ته گوادر ۽ دبئي پورٽ ۾ تعاون ڪيو وڃي. اسين دبئي جي ترقي واري رول ماڊل مان سبق هاصل ڪرڻ گهرون ٿا. 

President Arif Alvi Meeting with his UAE counterpart in EXPO

ياد رهي ته صدر عارف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات ويو هو جتي هن دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستاني پويلين جو افتتاح ڪيو. سيڙپڪارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي ۽ دبئي جي حڪمرانن سان ملاقاتن ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو