افغانستان جو طالبان ۽ داعش کان محفوظ رهندڙخوبصورت علائقو

تحرير ۽ تصويرون سائمن اروون/ سنڌيڪار: جاويد سولنگي

چين ، ايران ، پاڪستان ، تاجڪستان ، ترڪمانستان  ۽ ازبڪستان سان ملندڙ سرحدون اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته افغانستان جو ايشيا ۾ اھو ئي مقام آهي جيڪو مقام انساني جسم ۾ دل جو آھي . 3 ڪروڙ 20 لک  کان مٿي آبادي واري ھن ملڪ جو اٽڪل چوٿون ماڻهو وڏن شهرن  ۾ رھي ٿو جهڙوڪ مزار شريف.

Mazar e Sharif

مزار شريف ڪابل کان 320 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع آهي. ملڪ جي هن چوٿين وڏي شهر جو مرڪز حضرت عليءَ جي مزار آهي ، جيڪا مقامي روايت مطابق پيغمبر اسلام جي ڄاٽي ۽ اسلام جي چوٿين خليفي جي آخري آرامگاهه آهي. اها مزار اسلامي طرز تعمير جو هڪ شاهڪار آهي ۽ اھا سفيد ڪبوترن جي ڪري  به مشهور آهي. مقامي ماڻهو اھو به مڃيندا آهن ته جيڪڏهن ڪو پکي  مختلف رنگن جي  پرن وارو  مزار جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو ته ان جا پر شفاف ۽ سفيد ٿي وڃن ٿا. مزار شريف کان تقريبن 600 ڪلوميٽر اوڀر ۾ واخان رستو/ڪوريڊور آهي، جيڪو ثقافتي ۽ جاگرافيائي طور باقي ملڪ کان تمام مختلف آهي. 350 ڪلوميٽر ڊگھو علائقو بدخشان علائقي ۾ ، دنيا جي ٽن وڏن جبلن واري سلسلي ھندو ڪش ، قراقرم ۽ پامير جي سنگم تي واقع آهي. ”توهان افغانستان ۾ ٽرئفڪ ، شور ، حفاظت جي مسئلن کان ھن کان بھتر جگھ ٻئي نه ٿا تلاش ڪري سگھو۔ علائقي جي ڪجھ سياحتي ڪمپنين مان هڪ ڪمپني آھي،”انٽيمڊ بارڊز.ڪام”، جيمس ولڪوڪس چوي ٿو، ھي علائقو گھڻي آبادي وارو نه آهي ۽ان تائين  پهچڻ  مشڪل به آهي. گهٽ ماڻهو ڄاڻن  ٿا ته  ھي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏورانهين ۽ خوبصورت هنڌن مان ھڪ ھنڌ آهي.

Wakhan Mountains

واخان گزرگاھ ننڍن ننڍن  ڳوٺن جي آبادين جو گهر آهي جهڙوڪ ’خاندد’ جيڪي سادي پٿر ، مٽي ۽ ڪاٺ مان ٺهيل گهر آهن. انهن مان ڪجهه وڏا ڳوٺ آهن جيڪي خراب رستن سان ڳنڍيل آهن. پنج درياهه جو پاڻي اڪثر ڪري ان ڪچي رستي کي ناقابل استعمال بڻائي ٿو. اعظم ضياءَ ، جيڪو ڪوريڊور جي الهندي ڪنڊ کان 80 ڪلوميٽر پري واري شهر اشڪاشم جو رهاڪو آھي اھو چوي ٿو: ”هن پوري علائقي ۾ تمام گهٽ ماڻهن وٽ ڪار آھن پر اسان وٽ ڪميونٽي ٽرانسپورٽ آهي ، اسان وٽ گڏھ گاڏا آهن  ۽ اسان وٽ پنهنجا پير آھن۔ واخان اڃا تائين ٻين علائقن کان ڪٽيل آهي. ڪجهه ڳوٺ تواڪاشم کان چار ڏينهن جي مفاصلي تي آهن. سڀني کان ويجھو وڏو شهر دوشنبي ، جيڪو تاجڪستان جي گادي جو هنڌ آهي ، ٽن ڏينهن جي مفاصلي تي آھي، اهو ايترو پري آهي جو هي علائقو ڄڻ ٽائم ڪئپسول وانگر ٿي ويو آهي. ”جڏهن اسان تاجڪستان جي سرحد پار روڊ ، ٽيليفون ، بجلي وغيره ڏسو ٿا ،ائين محسوس ٿو ٿئي  جيئن ڪوئي مستقبل ۾ ڏسندو ھجي.

واخان ڪوريڊور لڳ ڀڳ 2500 سالن کان واخائي برادري جو گهر رهيو آهي. هن وقت ان جي آبادي 12000 جي لڳ ڀڳ آهي. جيتوڻيڪ گهڻو ڪري افغان قدامت پسند سني مسلمان آهن ، واخائي اسماعيلي  آھن جيڪي شيعه اسلام جي  فرقي سان تعلق رکن ٿا۔ عورتون هتي برقعو نه پائينديون آهن ۽ هتي مسجدون ناهن. ان جي جاءِ تي واخائي جماعت خانه آهن ، جيڪي عبادت جي جاءِ سان گڏوگڏ ڪميونٽي سينٽر جي حيثيت پڻ رکن ٿا۔ ”اسماعيلي ، سني نسل جي نسبت وڌيڪ نرمي وارا سمجهيو وڃن ٿا ،“ ولڪاڪس چوي ٿو. مثال طور واخان ۾ ، هڪ مغربي مرد سياح واخائي عورت جي تصوير بغير اجازت جي ڪڍي سگهي ٿو ۽ ان عمل تي ڪو به ناراض نه ٿو ٿئي. توهان اهو سوچيو نه ٿا سگهو افغانستان جي ڪنھن ٻين حصن ۾. ” “سني انتهاپسندي جي غير موجودگي ۽  ھن خطي جو پري هجڻ  جي ڪري داعش ۽ طالبان جهڙيون تنظيمون هتي نه ٿيو پھچي سگھن ، تنهنڪري جڏهن باقي ملڪ ۾ جنگ شروع ٿي وئي ته واخان ۾ ان جو اثر نه ٿيو.” واخاني هارين هن بنجر ۽ خشڪ علائقي ۾ ڪڻڪ ،  جَوَ ، مٽر ، پٽاٽا ، صوف ۽ خوباني يعني زردالون جي پوک ڪن ٿا. انهن جي پوکي  گليشيئرز جي رجندڙ پاڻي سان آباد ٿئي ٿي. مالدار خاندانن وٽ رڍون، ٻڪريون ۽ ڪي اٺ ، گھوڙا يا گڏھ آهن. اعظيم ضياء  جو چوڻ آهي ته ، “هر جون ۾ واخائي پنهنجن جانورن کي اونهاري ۾ سائي علائقن ڏانهن وٺي ويندا آهن ، جيڪي 45 هزار ميٽر جي بلنديءَ تائين ٿي سگهن ٿا۔ انهيءَ لڏپلاڻ کي ’ڪچهه‘ چئبو آهي. آگسٽ جي شروعات ۾ جوار جي فصل جي ڪٽائي کان پوء ھتي ‘ چنير’ جو ميلو به منعقد ڪيو ويندو آهي. افغانستان جي ٻين حصن ۾  ڏينھن جي پنج وقت نماز جي حساب سان  توھان زندگي کي ترتيب ڏيندا آھيو،پر ھتي اسان کي زمين سان گھڻو ڪجھه ڪرڻو آھي. ان ڪري زندگي جي چال ، زمين ، موسم ۽ فطرت تي وڌيڪ منحصر هوندو آهي.

 . تريون ئي صديون پراڻيون روايتون

واخان جي نمايان روايتن مان هڪ آهي صديون پراڻي بزڪش راند ، جيڪا توهان رگبي وانگر گهوڙي تي چڙھي  ڪري  کيڏي سگهو ٿا. هن راند ۾ هڪ ٻڪري جو جسم بال وانگر کيڏيو ويندو آهي. چيو وڃي ٿو پولو جي راند بزڪش  کان متاثر ٿي ڪري شروع ڪئي وئي. هن راند ۾ ڪي  قاعدا قانون نه آهن ۽ بزڪش ۾ ڪا به ٽيم ناهي ۽ ان ۾  ’فيئر پلي‘ بابت به ڪا پرواه ناهي ڇاڪاڻ ته رانديگر ھڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيڻ ۽ ٻڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.  هن راند ۾ هڏن جو  ٽٽڻ ھڪ عام ڳالھ آهي. واخائي ڳوٺاڻا ھڪ ٻئي سان ھي راند کيڏڻ پسند ڪن ٿا۔ خاص ڪري نوروز جي موقعي تي، پر بزڪش افغانستان جي ٻين علائقن ۾ وڌيڪ سياسي آهي ، جتي اها اشرافيا جي طاقت ڏيکارڻ جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي ، پر هتي ھن  راندين جو مقصد مقابلو ۽ برادري آهي. اها انهن شين مان آهي جيڪا واخان کي بي مثال بڻائي ٿي.

سياحت به هن خطي ۾  پير  پاتو آھي.

Wakhan valley

بهرحال  افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ٻاھرين  ماڻھن جي لاء سازگار نه آھي،  پر واخان ڪوريڊور ۾ امن، پھاڙن جي خوبصورتي گذريل سالن کان سياحن جي پسند رھي آھي۔ ڇاڪاڻ ته هي خطو  امن ، خوبصورت جبلن ۽ واخاني ڪلچر جو ميلاپ آھي۔ ايڊ سمرس هڪ سياحتي گائيڊ آهي جيڪو 9 ڀيرا واخان جو دورو ڪري چڪو آهي. پھريان تمام گھٽ ماڻھون سياحت لاء ايندا ھئا۔ هو چوي ٿو گذريل ڏهن سالن ۾ هي تعداد هر سال 600 سياحن کان وڌي چڪو آهي. هڪ اهڙي هنڌ تي وڃڻ جيڪو روايتي سياحن جي سرگرمين کان پري آهي جئين ھي هڪ قسم جي آسائش آهي. هتي توهان ماڻهن سان ملو ٿا جيڪي پنهنجي روايتي طريقي سان زندگي گذارڻ پسند ڪن ٿا. جڏهن توهان واخان جو سفر ڪيو ٿا ته ، اها نه رڳو خوبصورت جڳهه آهي ، پر هر قدم هڪ دلچسپ تاريخ جي ڪتاب جو صفحو بدلائڻ  وانگر آهي.

شاھراء ريشم جو حصو

ڪيترن سالن کان ، واخان ڪوريڊور  شاھراء ريشم جواهم رستو رھيو آھي ، پهرين ۽ ٻئي صدين ۾ تعمير ٿيل چين ، ميڊيٽرينين سان ڳنڍڻ لاءِ  ۽ واپارين  چين مان ريشم ، رومي سون ۽ افغان پٿر لاء استعمال ٿيو آھي۔ ”چيو وڃي ٿو ته مارڪو پولو 13 صدي ۾ هن علائقي کان چين ڏانهن لنگهيو ۽ سڪندر اعظم پڻ هتي کان لنگهيو.“ توهان ڏسو هي قديم رستي جا نشان ، رستي تي  ٻڌمت جا نشان به ان رستي جي اھميت ڏکارين ٿا۔  واخان 19 صدي ۾ برطانيه ۽ روس جي وچ ۾ گريٽ گيم  ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ ”افغانستان ڏاڍو اهم هو جڏهن روس ۽ برطانيه وچ ايشيا ۾ جنگ وڙهي رهيا هئا ،“ ولڪا ڪس چوي ٿو. واخان جون موجوده سرحدون ان وقت ھڪڙي بفر زون طور ٺاھيون ويون ته جيئن ٻن حريفن جون سرحدون نه ملن. انھن هڪ پراڻي واپاري رستي کي گول دائري ۾ بدلائي ڇڏيو جتان ڪو به نڪري نه سگهيو. ويجهي ماضي ۾  واخان سرد جنگ ۾ اهم رهيو آهي. پر هاڻي  چين جي  بيلٽ ۽ روڊ انيشيٽو سان ، اهو هڪ ڀيرو ٻيهر مشهور تجارتي رستو بڻجي سگهي ٿو. ڪجهه عرصو پھريان ڪچو رستو صرف اشڪاشم  کان بروگل بارڊر تائين پهچندو ھو، جيڪو ڪوريڊور جي وچ تي آھي۔ پوءِ توهان کي اوڀر طرف سفر ڪرڻ لاءِ پيدل يا جانورن تي سفر لاء وڃڻو  پوي ٿو۔ هاڻي بيلٽ ۽ روڊ جي تعمير جي ڪري ھي رستو 75 ڪلوميٽر تائين وڌايو ويو آهي ۽ بوزائي گمباز جي ڳوٺ تائين پهچي ٿو جيڪو وخان جي ڪل ڊيگهه جو ٽي چوٿون حصو آهن. “اهو پراڻي روڊ تي ٺهيل آهي جيڪو ڪرگز خانہ بدوش استعمال ڪندا ھئا  “. هاڻي بلڊوزر آيا آھن ۽ انھن ھڪ نڍو رستو ٺاھيو آھي۔ پر وڏي روڊ ٺھڻ جي اميد آهي.  چيو وڃي ٿو ته چيني هي روڊ ٺاهيندا جيڪو انهن جي سرحد کي بوزائي گباز سان ڳنڍيندو. بالآخر اهو چين کي وچ ايشيائي مارڪيٽن تائين رسائي فراهم ڪندو. اعظم ضياءَ چوي ٿو واخان جا ماڻهو چيني فن تعمير تي گڏيل راءِ رکن ٿا۔ ڪجهه شيون اسان لاءِ سٺيو ن هونديون،  هو چوي ٿو ته اسان چين مان ٻڪريون خريد ڪري سگهندا سين جيڪي اشڪاشم جي بازار کان تمام گهڻيون سستيو ملنديون. اسان بهتر صحت واري نظام جي اميد پڻ ڪريون ٿا. هن وقت اسان جون سهولتون تمام محدود آهن. پر اسان کي ڳڻتي آھي واخان جي  ثقافت بابت ، جيڪا هميشه لاءِ تبديل ٿي ويندي. اسان هن خاموشي ۽ ان جي خوبصورت نظارن سان پيار ڪندا آهيون. اسان ٽريفڪ جي آلودگي کان خوفزده آھيون۔جبلن ۾ روڊ ٺاهڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو ، پر اسان سمجهون ٿا ته اهو ايندڙ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو. ٻئي چيني ۽ افغاني حڪومتون اهو ڪرڻ چاهين ٿيون. صرف وقت ئي ٻڌائيندو ته اسان جي مستقبل ۾ ڇا آهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو