اغوا ٿيل معصوم نياڻي موٽرائي ڏيو، پورهيت جو احتجاج

جوهي (ن سنڌيار)حسين آباد ڪالوني جو رهواسي پورهيت پيارو خان پنهور الزام هنيو آهي ته اسر ويل ٽن هٿياربندن نوراحمد لنڊ, صدام عرف پپو لنڊ  ۽ هڪ نامعلوم جوابدار منهنجي گهر ۾ گهڙي سڀني گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي مونکي رسن سان ٻڌي سخت  تشدد جو نشانو بڻائي منهنجي ڏھ ورهين جي معصوم نياڻي سجيلان پنهور کي اغوا ڪري ويا آهن , اغوا ڪرڻ وقت مونکي ۽ منهنجي گهر ڀاتين کي اهو چئي روانا ٿيا ته جيڪڏهن ڪنهن سان به ذڪر ڪيو يا ڪا ايف آء آر داخل ڪرائي ته تنهنجي نياڻي جو توکي لاش ملندو, پوليس ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو آهي نه ئي جوابدارن خلاف ڪا ڪاروائي ڪئي آهي  هن چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ, آء جي سنڌ, ڊي آئي جي حيدرآباد, ايس ايس پي دادو سميت ٻين اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري منهنجي معصوم نياڻي بازياب ڪرائي وڃي ۽ مون پورهيت سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو