اطلاعات بابت مشير بدعنواني جي الزام ۾ فارغ

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان اطلاعات واري صلاحڪار اجمل وزير کي مبينه بدعنواني جي الزام هيٺ عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي سينيٽر اجمل وزير کي اشتهاري ايجنسي کان ڪميشن وٺڻ واري آڊيو ٽيپ ليڪ ٿيڻ بعد هٽايو ويو آهي. آڊيو ٽيپ ۾ اشتهاري ايجنسي جي مالڪ ڪورونا مهم جا اشتهار جاري ڪرڻ عيوض کيس ڪميشن جي آڇ ڪئي هئي. جنهن بعد کيس 10 ڪروڙ رُپيا فوري طور تي جاري ڪيا ويا، ٽيپ موجب اجمل وزير اهو به چيو ته کيس ملندڙ ڪميشن مان ٽئڪس ڪٽوتي نه ڪئي ويندي ۽ اُن حوالي سان سمورن فيصلن ۾ انفارميشن سيڪريٽري به شامل آهي، جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ ڪامران بنگش کي اطلاعات جي اضافي چارج ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجمل وزير تي اهو به الزام آهي ته وڏي وزير کي ڪجهه معاملن ۾ باءِ پاس ڪندي سمارٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو