اشرف غني افغانستان جو ٻيو ڀيرو صدر چونڊجي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) اشرف غني ٻيو ڀيرو افغانستان جو صدر چونڊجي ويو آهي. غير ملڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق هلندڙ سال جي 28 سيپٽمبر تي افغانستان ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ ٿي هئي جنهن جي ابتدائي نتيجن جو اعلان هاڻي ڪيو ويو آهي. افغان اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل نتيجن مطابق اشرف غني 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ کڻي ٻيهر صدر چونڊجي ويو آهي جڏهن ته ان جي حريف عبدالله عبدالله کي 39 فيصد ووٽ مليا آهن. افغانستان جي قانون مطابق ڪنهن به اميدوار کي حتمي نتيجن کان پهرين ڪنهن به قسم جي شڪايت يا درخواست داخل ڪرڻ جو حق حاصل آهي. واضح رهي ته افغانستان جي گذريل چونڊن ۾ به ڌانڌلي جا الزام سامهون آيا هئا. صدارتي اميدوار عبدالله عبدالله نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪيو هو پر عالمي قوتن ٻنهي اميدوارن وچ ۾ اقتدار جو گڏيل طور معاهدو ڪيو هو جنهن تحت اشرف غني صدر ٿيو هو جڏهن ته عبدالله عبدالله کي چيف ايگزيڪيٽو جو عهدو ڏنو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو