اسڪول نه هجڻ ڪري معصوم ٻارڙن جي زندگي داءُ تي لڳل

قبو سعيد خان (خادم حسين جاگيراڻي) هڪ پاسي حڪمرانن پاران سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جا اعلان ڪيا پيا وڃن ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ اهڙا سوين ڳوٺ  آھن جتي اسڪول نه هجڻ سبب معصوم  ٻارن جي زندگي داءُ تي لڳل آهي. اهڙن سوين ڳوٺن مان سنڌ بلوچستان جي دنگ تي ضلع قمبر شهدادڪوٽ تعلقي قبو سعيد خان جو ڳوٺ حاجي مري قبو به هڪ آھي. جتي لڳ ڀڳ ڳوٺ ۾ 30 کان 40 گهر آهن پر ٻارن جي سولهيت لاءِ اسڪول نه آھي جنهن ڪري هن علائقي جا سوين ٻارڙا تعليم جهڙي زيور کان محروم آھن. هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ به هتان جا ٻارڙا اسڪول نه هجڻ جي ڪري مال متاءَ چارڻ ۾ پورا آهن.نوجوان اتحاد جي اڳواڻن ساگر علي چانڊيو، محمد حسن چانڊيو، علي جان، غلام فريد چانڊيو ۽ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته هو ڪيترائي ڀيرا هتان جي چونڊيل نمائندن، تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين وس وارن سان ملاقاتون ڪري کين منٿ ميڙون ڪري چڪا آھن پر ڪا به داد رسي ڪون پئي ٿي. ڳوٺاڻن جي گهر آھي ته کين جلد کان جلد اسڪول منظور ڪرائي ڏين ته جيئن هنن جا ٻچڙا تعليم پرائي پنهنجو مستقبل روشن ڪري سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو