اسڪارپ ملازمن جا مطالبا منظور نه ٿيا، بک هڙتال جاري

خيرپور ( محمد علي جانوري ) متحده مزدور فيڊريشن اسڪارپ خيرپور جي سوين ملازمن سيشن ڪورٽ روڊ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال جاري رکي جنهن جي اڳواڻي اسڪارپ يونين خيرپور صدر وقاراحمد ڀٽو، چيئرمين شاڪرمسرورمھيسر، فقيرسعيد مهيسر، جاويدحسين منگي، ڪمال الدين ڪٽوهر، ساجد علي کوسو، سهراب خان مغل، سيد دين محمد شاھ، نثاراحمد ڀٽو، اعجاز مري، نور محمد ڦلپوٽو، اعجازلنجواڻي، جمال الدين، مشتاق گوپانگ، لياقت مهيسر، بشير احمد منگي، سليم ريسر، يونس ڀٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اسڪارپ  کاتي جا سوسيڪڙو ٽيوب ويل ڪيترن ئي سالن کان بند پيل آھن جنھن سبب خيرپور ضلعي  ۾سم ۽ ڪلر جو آزار وڌي ويو آھي خيرپور ضلعي جي سوين ايڪڙ آباد زمينون غير آباد بڻجي ويون آهن. ھنن چيو ته ملازمن کي ٽائيم اسڪيل پروموشن ۽ فوتي ڪوٽا به نه ٿي ڏني وڃي اسڪارپ ڪالوني جي حالت زبون ٿيڻ سان گڏ گندگي جو ڍير بڻجي وئي آھي. ھنن چيو ته ڪالوني جي ٻارن جي اسڪول وڃڻ لاءِ بس به گھڻي عرصي کان خراب پيل آھي.جيڪا فوري طورتي ٺھرائي ڏني وڃي. ھنن چيو ته ڊپوٽيشن ختم ڪري مستقل عملو ڏنو وڃي، سينارٽي تحت پروموشن ڏنا وڃن پي ڊي اسڪارپ ۽ انجنيئرن جي مقرري کي شفاف ۽ يقيني بڻايو وڃي. هوڏانهن سياسي سماجي اڳواڻن، وڪيلن، اديبن، شاعرن، صحافين سميت شهرين جي وڏي انگ بک هڙتالي ڪئيمپ تي پهچي سندن حمايت جو اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو