پنوعاقل (سنتوش ڪمار) تعلقا اسپتال جي بجلي بند هئڻ ڪري پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن شوڪت ملاڻو، جاويد ڀٽو، نثار منگي، مير حسن چاچڙ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي ايم ايس تعلقہ اسپتال پنوعاقل تي سنگين الزام هڻندي چيو آهي ته ايم ايس تعلقہ اسپتال ڊاڪٽرن کان رشوت وٺي ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي ڪرڻ کان آجو ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته اسپتال جي مشينري جڏهن کان آيل آهي تنهن ڏينهن کان غيرفعال بڻيل آهي، جنريٽر جي سالاني بجيٽ 70 لک رپيا آهي مگر ايم ايس جنريٽر هلائڻ بدران انهن پئسن ۾ پڻ ڪرپشن ڪري رهيو آهي. پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته اسٽاف کي بجلي ڏني وڃي ۽ ڪرپٽ ايم ايس تعلقہ اسپتال پنوعاقل اسماعيل عباسي کي هٽائي ايماندار ايم ايس مقرر ڪيو وڃي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ٻن ڪلاڪن تائين ڪم ڇڏي هڙتال ڪئي وئي، پيراميديڪل اسٽاف جي هڙتال کانپوءِ ڊاڪٽر به پنهنجي پنهنجي چيمبرن مان ٻاهر نڪري ويهي رهيا، علاج لاءِ آيل مريض رلي ويا سڄي اسپتال جا چڪر ڪاٽي ڦرندا رهيا، جڏهن ته ايمرجنسي ۾ آيل مريض بجلي نه هئڻ ڪري مريضن کي هٿ سان پکو هڻندا رهيا، جڏهن ته ٻي پاسي ايم ايس تعلقه اسپتال پنوعاقل اسماعيل عباسي اِن دوران اسپتال مان غائب رهيو ۽ ٻن ڪلاڪن بعد اسپتال پهتو ۽ سندس چوڻ آهي ته بجلي واپڊا پاران اڄ بند ڪئي وئي باقي جنريٽر چالو آهي مختلف وارڊن ۾ هلي رهيو آهي، مون ڪا به ڪرپشن نه ڪئي آهي الزام بي بنياد آهن مان ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ اچڻ وارن ۾ ناهيان.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو