اسپتال لاءِ بک هڙتال،علي گوهر گاڏي مان نه لٿو،دبئي مان ڪال

جروار (محمد بخش گبول) رورل هيلٿ سينٽر جي بحالي لاء مين چوڪ تي شھرين جي بک هڙتال ,هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال تي مختلف سياسي اڳواڻن کان سواءِ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. بک هڙتالي ڪئمپ تي ننڍڙين نينگرين به شرڪت ڪئي، هوڏانهن بک هڙتال ڪئمپ اڳيان گذرندڙ ايم پي اي علي گوهر مهر اڳيان احتجاج ڪيو ويو پر علي گوهر مهر گاڏي مان هيٺ لهڻ کان انڪار ڪندي صلاح ڏني ته وفد جي صورت ۾ ڊي سي گهوٽڪي سان ملو مان کيس فون ڪريان ٿو ۽ کيس ڏنڊو ڏيندس، جيڪڏهن ڪم نه ڪيائين ته پوءِ توهان سان گڏ احتجاج ۾ شريڪ هوندس. اهو چئي هو روانو ٿي ويو.

شھرين 29آگسٽ تي ڊي ايڇ او گهوٽڪي اڳيان ڌرڻو هڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته جروار رورل هيلٿ سينٽر 15سالن کان وٺي بند هجڻ ۽ مقرر ڪروڙين روپين جي بجيٽ ٻئي هنڌ خرچ ڪرڻ خلاف سرڪاري اسپتال بحالي ڪاميٽي طرفان هڪ ڏينهن واري بک هڙتالي ڪئمپ لڳائي ويئي. ڪئمپ تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن زاهد ميراڻي، وڏيرو علي حسن بوزدار، حاجي خان بوزدار، وڪي ڪمار، نواب لنڊ، اتفاق احمد لنڊ، غلام رسول، شبير گبول، اسڪولي شاگردياڻين سان گڏ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اسپتال بحالي ڪاميٽي جي اڳواڻن غلام حيدر بوزدار عاجز گبول، بخش علي منگراهه، علي نواز جلباڻي، غلام بوزدار، ڪيلاش راءِ ۽ ٻين چيو ته جروار ۽ ڀرپاسي جي اٺ کان مٿي يونين ڪائونسلون آھن جتي صحت لاء سهولت موجود نه آھن. ,هي واحد اسپتال جروا هئي جيڪا انهن يوسين جي عوام کي صحت جي سهولت ڏيندي هئي پر ڪيترين ئي سالن کان اسپتال بند هجڻ ڪري عوام هن جديد دور ۾ صحت جهڙي سهولت کان محروم آھي. ٻئي پاسي ايم اين اي محمد بخش مهر دبئي مان ڪال ڪري احتجاج ڪندڙن سان همدردي ڪندي خاطري ڪرائي ته هو جلد اسپتال بحال ڪرائي ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو