اسپتال انتظاميه جي نااهلي، کليل آسمان هيٺ ٻار جو جنم

شهدادڪوٽ ( شاهد اعواڻ) اسپتال ۾ ڊيلوري لاءِ آيل عورت مبينا کليل آسمان هيٺ ٻار کي جنم ڏنو. بگي دڙي ڀرسان ڳوٺ محمد صديق کوسو جي رهواسڻ بشيران زال بنگل کوسو ڊيلوري لاءِ پهتي ته ڊاڪٽرن پاران مبينا ٽال مٽول ڪندي ڊرپ ڏئي ڳوٺ وڃڻ چئي واپس ڪري ڇڏيو ته هُن اسپتال جي نئين بلڊنگ جي اوٽ ۾ ٻار کي جنم ڏنو. ان موقعي تي ٻار جي ماء بشيران ٻڌايو ته هن کي ٻار جا سور هئا هتي اسپتال ڊيلوري لاءِ آئي ته ليڊي ڊاڪٽرن پاران ٽال مٽول ڪندي ڊرپ سيٽ ڏئي ڪجهه ڏينهن بعد ڊيلوري ٿيندي چئي واپس ڳوٺ وڃڻ لاءِ چيو اسپتال کان ٻاهر نڪري آيس ته سور ٿي پيا ۽ کليل آسمان هيٺ ٻار کي جنم ڏنو آهي هاڻ ته ڪوئي علاج ڪرڻ لاء به تيار نه آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو