اسٽي آرڊر باوجود ڳوٺ ڊاهڻ تي جهيڙو، ڪيس داخل

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي) شاھ لطيف ٿاڻي جي حد ملير ندي ڪناري تعمير ٿيندڙ عثمان خاصخيلي ڳوٺ تي ڊپٽي ڪمشنر ملير جي هدايت مختيار ڪار انڪروچمينٽ ٽيم ساڻ ڪري چڙهائي ڪئي اڏاوتون ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن اتي موجود ماڻهن سخت مزاحمت ڪندي ڀٿراءُ شروع ڪري ڏنو جنهن ۾ گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا ۽ انڪروچمينٽ جا ٽي اهلڪار به رخمي ٿي پيا جنهن بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ماڻهن جي سخت ردعمل کانپوءِ انتظاميا رواني.

Photo Sindhyar

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متاثرن محمد حيات پالاري محمد صابر راجپوت چيو ته انتظاميا بغير ڪنهن نوٽيس جي اچانڪ ڪاروائي ڪري گهر ۽ دڪان ڊاهي اسان سان ظلم ڪيو آهي هنن چيو ته معزز عدالت جي اسٽي آرڊر هجڻ باوجود انتظاميا اسان جي هڪ به نه ٻڌي هنن وڌيڪ چيو ته زمين ڪيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي مختيار ڪار خالد لنڊ ۽ انسپيڪٽر انڪروچمينٽ ممتاز مگسي انتقامي ڪاروائي ڪري عدالت جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي آهي ٻئي پاسي مڇريل ماڻهن جي پڀراءُ سبب گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا ۽ انڪروچمينٽ هڪ اهلڪار زخمي پڻ ٿي پيو جنهن بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ انتظاميا وڌيڪ ڪارروائي بغير واپس زخمي ٿيل اهلڪار جو حملي آورن مٿان ڪيس داخل ٿيڻ جو اطلاع آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو