اسٽيٽ لائف انشورنس مان به 650 ملازم برطرف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽيليجنس بيورو، سوئي سدرن گيس ۽ ٻين ادارن مان سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد ملازمن جي برطرفي بعد اسٽيٽ لائيف انشورنس جي ملازمن کي پڻ برطرف ڪيو ويو آهي. رٽائيمينٽ واري ڏينهن جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ 16 هزار ملازمن جي برطرفي جو 17 آگسٽ تي حڪم جاري ڪيو هو. عدالتي حڪم تحت اسٽيٽ لائيف ۾ پ پ دور ۾ بحال ڪيل 650 جي لڳ ڀڳ ملازمن ۽ آفيسرن کي برطرف ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف اختيارين موجب هر ملازم ۽ آفيسر کي برطرفي جو الڳ الڳ ليٽر جاري ڪيو ويو آهي. سال 2012 ۾ پ پ دور ۾ بحال ڪيل ايريا مينيجر، سيلز مينيجر ۽ ڊپٽي مينيجرز کي برطرف ڪيو ويوآهي.

پهنجو تبصرو موڪليو