اسلام آباد ۽ ڪابل ۾ انٽيليجنس شيئرنگ تي اتفاق

ڪابل(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ افغانستان ويجهي تعاون ۽ انٽيليجنس شيئرنگ ذريعي افغانستان ۾ دهشتگردي جي واقعن کي گهٽائڻ جي لاءِ پنهنجون گڏيل ڪوششون تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.سرڪاري خبرن جي ايجنسي اي پي پي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني افغان صدارتي محل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جو عزم ڪيوآهي افغانستان جي پهرين دوري جي موقعي تي هڪ پريس ڪانفرنس ۾  عمران خان پهرين صدر اشرف غني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته هو 50 سالن کان ڪابل ۽ افغانستان جو دورو ڪرڻ جو سوچي رهيو هو پر اهو ڪڏهن نه ٿيو ۽ هاڻي هو مونکي اهو موقعو ڏنو ويو آ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪابل 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستانين لاءِ پسنديده هنڌ هو جڏهن ته پشاور افغانين لاءِ من پسند جڳهه آهي.اسان جو هڪ تاريخي تعلق آهي. مون هڪ اهڙي وقت جو دورو ڪرڻ جو سوچيو جڏهن افغانستان ۾ تشدد وڌي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستاني عوام افغانستان ۾ امن چاهين ٿا اسان سمجهون ٿا ته افغانستان جو عوام چئن ڏهاڪن کان هن صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن انساني برادري کي امن جي ضرورت آهي  اهو افغانستان آهي ۽ پاڪستان هتي امن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. پهرين طالبان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون ٿيون پر هاڻي ته بين الاقوامي افغان ڳالهيون آهن. حالانڪه اسان ڏٺو آهي ته قطر ۾ ڳالهين باوجود تشدد وڌي رهيو آهي. تنهنڪري اهڙي وقت منهنجي افغانستان جو دورو ڪرڻ جو مقصد اسان کي يقين ڏيارڻ هو ته پاڪستان جيڪو ممڪن ٿيندو ڪري ڪري ٿو ۽ اسان انهي تشدد کي گهٽائڻ ۽ جنگ بندي آڻڻ ۾ مدد ڪنداسين. ا ن لاء اسان ڪميٽيون قائم ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته ان ڪميٽي کي قائم ڪرڻ جو مقصد اسان ۽ اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي وچ ۾ رابطو کي يقيني بڻائڻ آهي ،هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به توهان محسوس ڪيو ته پاڪستان تشدد گهٽائڻ ۾ مدد ڪري اسان کي ٻڌايو وڃي. مان توهان کي يقين ڏيان ٿو ته اسان اهو ڪنداسون جيڪو اسان جي وس ۾ هوندو. چيو ته افغانستان کانپوءِ پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو هتي سڀ کان گهڻو امن چاهيندو آهي اهو ئي سبب آهي ته پاڪستان جو فاٽا قبائلي علائقو آهي جيڪو افغانستان سان ڳنڍيل  آهي جيڪو دهشتگردي جي جنگ ۾ تباهه ٿيو اڌ آبادي  بي گھرٿي وياربين ڊالرن جو نقصان ٿيو انهي ڪري اسان انهن ماڻهن جي مدد ڪري سگھون ٿا ۽ ٻنهي طرفن جي وچ ۾ واپار جا موقعا وڌائي سگهون ٿا.وزيراعظم چيو ته ڪميٽيون  کي قائم ڪرڻ جو مقصد اسان کي  ۽ اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي وچ ۾ رابطو کي يقيني بڻائڻ آهي هن دوري جو پورو مقصد اعتماد کي وڌائڻ  رشتا ٺاهڻ ۽ يقين ڏيارڻ آهي ته اسان توهان جي اميدن کان اڳتي توهان جي مدد ڪنداسين. ان کان اڳ افغان صدر چيو ته هو افغانستان جي دوري تي وزيراعظم جو شڪرگذار آهي جڏهن ته علائقائي ترقي لاءِ پاڪستان ۽ افغانستان جو تعاون ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو