اسرائيلي ڪمپني پاڪستان جي خفيه ادارن جي جاسوسي ڪرڻ لڳي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ٽيڪنالوجي ڪمپني جي تيار ڪيل اسپائي ويئر (جاسوس وائرس) ذريعي ڪجهه پاڪستاني اعليٰ انتظاميه، خفيه ادارن جي موبائل فونن جي جاسوسي جو انڪشاف ٿيو آهي. برطانوي اخبار گارجين جي رپورٽ مطابق اسرائيلي ٽيڪنالوجي ڪمپني اين ايس او اسپائي ويئر سان واٽس ايپ جي سيڪيورٽي نظام ۾ مداخل ڪندي پاڪستان جي اعليٰ دفاعي ۽ خفيه ايجنسي جي آفيسرن جي جاسوس ڪئي آهي. برطانوي ميڊيا کي هڪ سينئر پاڪستاني آفيسر نالو ظاهرنه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سينئر دفاعي انتظاميه ۽ انٽيلي جنس آفيسرن کي اسپائي ويئر ذريعي نشانو بڻائي انهن جي جاسوسي ڪئي وئي آهي. هلندڙ سال جي شروعات ۾ هڪ تجزئي ۾ انڪشاف ٿيو هو ته 1400 ماڻهن جي موبائل فونن تي هيڪنگ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ٻن هفتن وچ ۾ بار بار انهن جي موبائل فون تي پراسرار سرگرمين جي نشاندهي ڪئي وئي. صارفين جي رزاداري کي نشانو بڻائڻ تي واٽس ايپ اين ايس او خلاف ڪيس به داخل ڪيو هو ڄاڻايل ڪمپني بغير اجازت مداخلت ڪري ان جي سروس جي توهين ڪئي آهي. ان ڪيس ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسرائيلي ڪمپني سڄي دنيا جي صحافي، انساني حقن جي رضاڪارن، سياستدانن، سفارتڪارن ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري شخصيتن کي هيڪنگ جو هدف بڻايو هو. لنڊن ۽ واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخانن مبينه هيڪنگ تي ڪو به رد عمل ناهي ڏنو جڏهن ته اين ايس او جي نمائندن به جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو آهي. هنن سافٽ ويئر ذريعي سرڪاري آفيسرن جي جاسوسي ڪئي آهي يا نه.فوري طور پاڪستاني حڪومت ان معاملي جي تشهير ناهي ڪئي پر ان کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي مشيدر ڊيجيٽل ايشوز مقامي صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت واٽس ايپ جو متبادل تيار ڪرڻ ۾ مصروف آهي جنهن ذريعي حساس حڪومتي شخصيتن ۽ ڊيٽا کي محفوظ بڻائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو