اسرائيلي درندگي جا پيرا اسلامي ملڪن طرف وڃن پيا

تحرير عبدالمجيد بروھي 

عيد کان اڳ ۾ اسرائيل پاران فلسطيني مظلومن مٿان بمباري جي شروعات  ڪري فلسطيني عوام مٿان قھر بڻجي ڪڙڪي پيا ان بعد ميڊيا تي خبرون ھليون اسلامي ملڪن جا سربراھ مذمتي بيانن تائين محدود رھيا سواء ايران ۽ ترڪي جي ٻين ملڪن جي سربراھن بس مڙئي بيان ڏئي ميار لاٿائون اسرائيل پاران عيد کان ٻـ ڏينھن اڳ شروع ڪيل حملا اڄ تائين جاري آھن جن حملن ۾ ھن وقت تائين سوين فلسطيني شھري شھيد ٿي چڪا آھن جن ۾ گھڻائي معصوم ٻارن ۽ عورتن جو آھي اسرائيل ھڪ ننڍڙو ملڪ آھي جيڪو چئني پاسن کان مسلمان ملڪن جي وج ۾ آھي مسلمان ملڪن جي گھيري ۾ آھي اگر مسلمان ملڪ چاھين تـ ھڪ  ڏينھن ۾ کيس عبرتناڪ سبق ڏئي سگھن ٿا پر جيئن تـ اسان سڀ ڄاڻون ٿا تـ اسلامي ملڪ سڀ ھن وقت اسرائيل جي ويجھو وڃڻ جي چڪرن ۾ آھن ھڪ طرف اسرائيل پاران فلسطين مٿان زميني حملن جي لاء تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن سندن فوج فلسطيني سرحد تي مورچا بند آھي پر مجال آھي جو اسان جا اسلامي ملڪ ڪجھ ڪن ھن وقت تائين اھي سڀ پنھنجي گڏيل اتحاد جو اجلاس نـ ڪري سگھيا آھن اسلامي سربراھي ڪانفرنس ان ڏينھن تي ارجنٽ ۾ گھرايو وڃي ھا جنھن ڏينھن اسرائيل پاران فلسطين مٿان پھريون حملو ڪيو ويو ھيو پر اسان جي اسلامي ملڪن جا بادشاھ ھڪ طرف عيد جي خوشين ۾ مشغول ھيا تـ ٻئي طرف ظالم يھودي صيھوني فوج اسان جي مسمان ڀائرن جو رت وھائي رھيا ھئا جيڪڏنھن  اسرائيل جي جارحيت تي سلامتي ڪائونسل ۽ اقوام متحدا خاموش آھن تـ اسين ان جو سبب ڄاڻون ٿا ڇو تـ اھي سڀ امريڪي ھٿن ۾ کيڏن ٿا جيئن انھن کي امريڪا وارا چوندا آھن سلامتي ڪائونسل نيٽو ۽ اقوام متحدا وارا بـ انھن جو ئي چوڻ ڪندا آھن انھن جي موجودا خاموشي بـ ان جو مثال آھي پر اسان جا اسلامي ملڪ ڇوـخاموش۔  آھن فلسطين کي اڪيلوـڪرڻ ۽ اسرائيلن ھٿا ذبح ٿيندي بـ خاموش تماشو ڏسڻ سان ڪيترائي سوال اٿي رھيا آھن ھڪ تـ اسرائيل اسان جي خوشحال اسلامي ملڪن کي پنھنجي ويجھو ڪيو آھي جيئن يو اي اي ۽ قطر جن اسرائيل کي تسليم ڪري اسرائيل سان لاڳاپا بھتر ڪرڻ سميت سفارتي لاڳاپا پڻ بحال ڪرڻ جا اعلان ڪيا آھن عوام وٽ اھي ڳالھيون بـ گردش ۾ آھن تـ اسان جي وڏي اسلامي ملڪن جي سربراھ سعودي عرب جي بادشاھ پڻ ڳجڳوھ ۾ اسرائيل سان ٺاھ ڪري ورتو آھي ۽ پاڪستان سان بـ اسرائيل وارن جو ڳالھيون ٿيڻ واريون ڳالھيون ٻڌڻ ۾ اچن پيون اسرائيل کي مڃڻ ۽ سندس سان لاڳاپا بحال ڪندڙ يو اي اي ۽ قطر سميت ٻين ملڪن جي ھوڏ تي اڄ اسرائيل اسان جي فلسطيني ڀائرن مٿان بمباري ڪري کين ماري رھيا آھن پر پوء بـ ڪنھن بـ اسلامي ملڪ اھو اعلان ناھي ڪيو تـ فلسطنين جي مدد جي لاء اسان بـ فوج موڪلينداسين اگر اسرائيل پنھنجي بزدلاڻي حملن کي بند نٿو ڪري ۽ مسلمانن جي پھرين ڪعبي تا قبضو ختم نٿو ڪري تـ پوء اسان سڀ فلسطيني فوج سان گڏ آھيون ۽ اسرائيل کي ھاڻي بخش نـ ڪنداسين پر ڇو تـ سڀ امداد ۽ ڊالر جي چمڪ جي ڪري خاموش آھن اگر اھي اھو اعلان ڪن ٿا پوء امريڪي سرڪار ڪاوڙ ۾ اچي سندس مراعتن کي بند ڪندو ۽ ھي  ان خوف جي ڪري بس ڪري ويٺا آھن پر شايد انھن عرب ملڪن کي پنھنجي طاقت جي خبر ئي نـ آھي اگر اھي پنھني تيل جي طاقت کي استعمال ڪندي مغربي ملڪن ۽ امريڪين کي ڌمڪي ڏين تـ ٺيڪ آھي ھاڻي اسان وڌيڪ توھان جي ڌمڪين نـ اينداسين توھان اسان کي ڊالر ڏئي اسان تي ٿورو نٿا ڪريو توھان جي معيشت جو دارومدار بـ اسان جي تيل تي آھي اسان جو کائي اسان سان ٿا وڙھو ھاڻي وڌيڪ ڏاڍائي برداشت نـ ڪنداسين اسرائيل ڪير ٿيندو آھي ان جا وڏا بـ بس ڪري اچي عرب بادشاھن جي پيرن تي ڪري پوندا پر اھو ممڪن ئي نـ آھي ڇو تـ اسان جا عرب ملڪن جا بادشاھ سڀ جا سڀ امريڪي غلامي کي تسليم ڪندي سڀ ڪجھ انھن کي سمجھي رھيا انجي ڪري اھي ڪڏنھن بـ مغربي ملڪن ۽ امريڪا کي ڌمڪي نـ ڏيندا انجي ابتڙ ھڪ ٻن ڏينھن ۾ اسلامي سربراھي ڪانفرنس ڪوٺائي ان ۾ امريڪي ايجنڊا تي عمل ڪندي صرف اسرائيل کي جنگ روڪڻ جي اپيل ڪري پنھنجي مٿان بار لاھيندا اڄ جيڪوـڪجھ فلسطينين سان اسرائل وارا ڪري رھيا آھن اھو سڀ ڪجھ اسلامي ملڪن جي۔  امريڪي غلامي ۾ ڦاٿل ھجڻ جي ڪري ئي ڪري رھيو آھي ان کي خبر آھي تـ امريڪا ھنن سان گڏ آھي ۽ ڪنھن بـ صورت ۾ مسلمان ملڪ ھنن سان مقابلي لاء پنھنجي فوجين کي نـ موڪليندا انجي ڪري فلسطين تي حملن سميت قبضي جي ڪوششن تان پير پوئتي ڪرڻ لاء اسرائيلي تيار نـ آھن ان سڄي ظلم جا پيرا جيڪڏنھن سچائي سان راء ڏجي تـ ان جا پيرا اسان مسلمان ملڪن طرف اچن ٿا اسان جي خاموشي جي ڪري اسرائيل حملن مٿان حملا پيو ڪري پر اسان جا يار صرف مذمت ڪرڻ ۾ پورا آھن 

پهنجو تبصرو موڪليو