اسد عمر پاران سنڌ حڪومت تي ڪراچي جا فنڊ روڪڻ جو الزام

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي جا فنڊ روڪيو ويٺي آهي. وزير اعلي کي درخواست آهي ته ڪراچي کي ان جا حق ڏنا وڃن.اهڙو اظهار هن ڪراچي ليٽريچر فيسٽيول جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بنائڻ بابت سيشن کي خطاب بعد صهافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان سيشن ۾ اسد عمر ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ رضا باقر به شرڪت ڪئي. فيسٽيول کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪفالت پروگرام هيٺ 70 لک عورتن جو ڊجيٽل بينڪ اڪائونٽ کوليا ويندا.هنر مند نوجوانن جي پروگرام ۾ به 30 سيڪڙو عورتن کي تربيت ڏيڻي آهي. هاڻي صرف عورتون سلائي جو ڪم نه پر هائي ٽيڪ ڪورس ڪنديون. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي جا فنڊ روڪيون ويٺي آهي. وزير اعلي سنڌ کي ڪراچي جو به خيال رکڻ گهرجي. ڪراچي جا فنڊ فوري جاري ڪريو. ياد رهي ته وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه ۽ پي پي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪترائي ڀيرا چئي چڪا آهن ته وفاق جي طرفان سنڌ کي فنڊز نه ٿا فراهم ڪيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو