استعيفائون ايٽم بم آهن سوچي سمجهي استعمال ڪبو، بلاول

لاهور (ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي جي سربراهه بلاول ڀٽو چيو ته هي نا اهل حڪومت ذاتي انا خاطر قومي اسمبلي جي اڳوڻي ۽ موجوده اپوزيشن ليڊر کي جيل ۾ بند ڪيو آهي، ڪنهن عدالت مان کين سزا به ناهي ملي. اهڙو اظهار هن ڪوٽ لکپت جيل ۾ ميان شهباز شريف سان سندس والده جي وفات تي عذر خواهي بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.هن چيو ته هي ٽوئٽر وارو وزيراعظم آهي هو پاڻ کي ملڪ جو نه پر پي ٽي آءِ جو وزيراعظم آهي.هي عوامي مسئلا حل ڪرڻ بدران اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارواين م مصروف آهي، ڪو ميڊيا وارو تنقيد ٿو ڪري ته ان خلاف به ڪاروائي ڪئي ٿي وڃي، ميڊيا تي به پابنديون آهن، هڪ سوال تي هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ شامل سڀ جماعتون هڪ پيج تي آهن. هن چيو ته اپوزيشن وٽ استعيفيٰ جو آپشن ايٽم بم جهِڙو آهي ان کي سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته حڪومت سان هن ماحول ۾ ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون، وزيراعظم ناجائز ڪرسي تان استعيفيٰ ڏئي ته ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته ميان شهباز شريف اسين سڀني اپوزيشن وان جو ليڊر آهي ۽ افسوس آهي ته سندس والده جي وفات تي به سياست ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته لاهور جو جلسو ريفرينڊم هو، عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته هي ڪهڙي حڪوت آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي سڄي خطي کان وڌيڪ آهي، ايٽمي ملڪ جي معيشت افغانستان کان به ڪمزور ٿي وئي آهي، اهو سڀ ڪجهه نا اهل قيادت جو ڪمال آهي. هڪ سوال تي هن چيو  ته سڀني ادارن کي آئين جي حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي. عمران خان ڪوڙو آهي سڀني کي چور چور ٿو چوي هڪ ماڻهو تي هڪ ڪيس به ثابت ناهي ڪري سگهيو. هن حڪومت ڪرپشن جي حد ڪري ڇڏي آهي، کنڊ ۽ اٽو چوري ڪندڙن خلاف ڪجهه نه ڪيو، بي آر ٽي، فارين فنڊنگ، ڪي اليڪٽرڪ ۾ ڪرپشن ڪندڙ مافيا ئن کي ايمنسٽي ڏني آهي. بلاول چيو ته صدر زرداري 12 سال جيل ۾ رهيو هڪ ڪيس ثابت نه ٿيو باعزت بري ٿيو پر هي حڪومت ڪنهن ڪيس ۾ بري نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو