استاد ۽ صحافي جون چوريون گم، دادو مان ٻه چوريون واپس

ڪوٽڙي ڪبير(پرويز حسين ڀنڊ) ٽن نامعلوم چورن ڳوٺ ڪوڙو سھتو مان استاد رضا محمد سھتو جي گھر کي ٽن ھنڌن تان کاٽ ھڻي اندازن 23 لکن روپين جو سون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا . صبح جو ڀاڳيا پيرين جي مدد سان چورن جا پيرا کڻي ڪجھ پنڌ تي گم ڪري موٽي آيا ڀاڳين چورن تي شڪ ڪرڻ جي بنياد تي ڊي ايس پي ڪنڊيارو حميد پنھور کي سڄي معلومات ڏني ڊي ايس پي عملو ساڻ ڪري جوابدارن جي گھرن تي ڇاپو هنيو ته شڪي چور پوليس تي فائرنگ ڪندا ڪيلي جي باغ ۾ ڀڄي ويا. چورن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو. رابطو ڪرڻ تي استاد رضا محمد سھتي ٻڌايو ته چورن جي سڃاڻپ ٿي وئي آھي . جيڪي ڳوٺ جا آھن جن ۾ اظھر علي پٽ بشير احمد ٻوھيو، اعجاز احمد پٽ منظور حسين سھتو ۽ حنيف پٽ شاھنواز سھتو شامل آھن . خبر لکڻ تائين ڪا ب گرفتاري عمل ن اچي سگھي آھي. ن ئي ڪيس داخل ٿي سگھيو آھي. **** ڪرمپور ۾ نامعلوم چاٻي چور بالاڻي محلي مان صحافي نيرج ڪمار خانواڻي جي سوٽ جي سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا، ڪرمپور ٿاڻي تي چوري جي اين سي داخل ٿيو پر ڪو به گرفتار نه ٿيو آهي. ياد رهي ته شهر مان 6 موٽرسائيڪلون چوري ٿي چڪيون آهن ۽ ڪا هڪ به چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ٿي سگهي آهي. *** دادو مان ادل مهيسر موجب شھر مان ھڪ مھينو اڳ لکين روپين جون ٿيل 2 چوريون دادو اي سيڪشن پوليس واپس ڪرائي 4 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. ايس ايڇ او نور مصطفي پٺاڻ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته بٺ محلا مان محمد اسلم برھماڻي جي گھر مان 10 لک جي ماليت جنھن ۾ 9 تولا سون ۽ روڪ رقم موبائيل فون چوري ڪيون ويون جنھن جا 3 جوابدار عبدالجبار ملاح غلام نبي خاصيخلي ۽ محمد رمضان لغاري کي گرفتار ڪيو ويو. جوابدارعبدالجبار ملاح جي ماءَ اھو سون دادو جي سوناري کي وڪرو ڪيو جوابدارن جي نشاندھي تي سون دڪاندارن کان واپس ڪرايو آهي. هن ٻڌايو ته سندس ٽيم جي ٻن اھلڪارن قاسم ھاتار ۽ امداد علي جمالي جي ڪوششن سان جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ھوڏانھن مڇي مارڪيٽ مان اقبال قريشي جي گھران 80 ھزار ماليت جو سون ۽ اوپو مابائيل چوري ٿي وئي جنھن جي مک جوابدار ملوڪ منگي کي پوليس ڊرامائي انداز ۾ گرفتار ڪري چوري ٿيل سون ۽ موبائيل ھٿ ڪري ورتي ٻنھي چورين جي جوبدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو ان موقعي تي فريادي محمد اسلم برھناڻي ايس ايڇ او وڏي منشي ۽ پوليس اھلڪارن کي نوٽن ۽ گلن جي ھارن سميت سنڌي جي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍايا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو