استاد رٽائر، اسڪول بند، ٻارن جو مستقبل بچايو، احتجاج

ڊرگهه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ) ڪاڇي ۾ بند اسڪول نه کلي سگهيا ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جي احتجاجن باوجود تعليم کاتي جا ستل آفيسر نه جاڳيا. ڪاڇي جي ڳوٺ الهداد شاهاڻي واسي شاگردن ۽  والدين اسڪول الهداد شاهاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندڙن بصرالدين شاهاڻي,عمر شاهاڻي,محرم شاهاڻي غلام دستگير لعل بخش ۽ الهڏنو شاهاڻي ٻڌايو ته ٽي سال پهريان مقرر استاد جي رٽائر ٿيڻ بعد اسڪول بدستور بند پيل آهي جنهن سبب ڳوٺ جي ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي, تعليم کاتي جي آفيسرن کي بار بار اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرائڻ لاء چوڻ باوجود تعليم کاتي جا نااهل آفيسر اسان جي ڳوٺ جو بند اسڪول نه کولرائي سگهيا. هنن چيو ته اسانجي ٻارن ج مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي. تعليم واري وزير سيد سردار شاهه کي نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرڻ جي اپيل ٿا ڪريون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو