استاد تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف گسٽا ۽ شاگردن جو احتجاج

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)گسٽا اڳواڻ ۽ سينئر  استاد علي اڪبر ملڪ مٿان ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڀٽائي  اسڪول گسٽا يونٽ جي استادن ۽ شاگردن طرفان صفدر علي ڀٽو ، محمد يعقوب شيخ ، قادربخش ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ ڀٽائي  اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي  ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. مظاھرين  پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي. انهيَ موقعي تي مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي  چيو ته ايس ايس پي آفيس جي ڪلارڪ نديم ملڪ پاران معزز سينئر  استاد علي اڪبر ملڪ مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي استاد کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ھنن اعليٰ اختيارين  کان مطالبو ڪيو ته اھڙي  عمل جو نوٽيس وٺي استاد مٿان داخل ٿيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو