استادن، شاگردن ۽ شهرين پاران وڻڪاري مهم

نئون ديرو (شاد محمود ڀٽو) گرين ۽ ڪلين سنڌ  جي عنوان هيٺ نئون ديرو جي گورنمينٽ بوائز هائرسيڪنڊري اسڪول جي پرنسپال خليل احمد ڀٽو، مئنيجمينٽ  طرفان تقريب ، وڻ ،گل ،ٻوٽا پوکي وڻڪاري جي شروعات ڪئي وئي. هنن اسڪول ۾ بيد مشڪ ، نم ،گل ،ٻوٽا پوکيا. ان موقعي تي شهرين ،غلام حيدر ناريجو ، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر ، پروفيسر احمد بخش ڪٽپر،ڊاڪٽرخليل احمد شيخ ، حسام الدين ڀٽو ۔سيٺ مرلي ڌر، دليپ ڪمار ، غلام علي ڀٽو ، فياض ابڙو  ۽ٻين شرڪت  ڪئي، تقريب ۾ آيل شهرين جو پرنسپال خليل احمد ڀٽو شڪريو ادا ڪيو ان موقعي تي شهرين ۽ گسٽا جي اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هن  درسگاهه جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1964 ۾ پيڙهه جو پٿر رکيو هو هن اسڪول مان ڪيترائي شاگرد تعليم پرائي اعلي’ عهدن تي  فائز ٿيا آهن هن اسڪول جو پرنسپال سائين خليل احمد ڀٽو  محنتي ،استاد سان گڏ سٺو انسان پڻ  آهي. جن جي چارج سنڀالڻ بعد اسڪول جو ڪاروهنوار بهترين طريقي سان هلائي  رهيو آهي شهرين   چيو ته نئون ديرو جي ٻاهران ويندڙ ٻه وڏا واھ رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال جيڪي شهر جي خوبصورتي ۾  واڌاري جو ڪارڻ آهن  انهن جي ٻنهي ڪپرن تي وڻ لڳائي وڌيڪ خوبصورت ڪيو ويندو ۽ ماحول کي صاف سٿرو ڪيو ويندو  ٻي طرف شهري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين غلام حيدر ناريجو طرفان شگرمل انتظاميه خلاف شگرمل مان اٿندڙ دز جي حوالي سان  ڪورٽ ۾ سي پي  داخل ڪرائي وئي هئي ان تحت شهري شگر مل انتظاميه  سان غلام حيدر ناريجو سان گڏجي ملاقات ڪري تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندا. ان موقعي تي گسٽا اڳواڻ ،عبدالقيوم ماهوٽو ،وسيم سومرو ،پرڪاش، ڪمار بسنت لعل ،اختيار ڪٽپر ۽ ٻيا استاد به موجود هيا ۔جڏهن ته آخر ۾ سڄي دنيا ۾ خوف جي علامت بڻيل ڪرونا وائرس کان نجات لاءِ اجتمائي دعا گهري وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو