اسان ڪير آهيون؟ وسعت الله خان

جڏهن حضرت عيسيٰ جي پيدائش کان ڏيڍ هزار سال اڳ وچ ايشيا جي آريا گهوڙي سوار يورپ، مغرب ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڦهلجڻ شروع ٿيا ته جتي جتي به هنن پنهنجا ڳوٺ، وستيون، واهڻ آباد ڪيا ته هو اُتان جا ئي ٿي رهيا. يورپ ۾ آريا سلاوڪ ۽ جرمن، ايشيا ۾ ايراني ۽ جنوبي ايشيا ۾ هندو سڏائڻ لڳا. آريائن جي برعڪس سامي النسل يهودي ساڍا ٽي هزار سال دربدري باوجود اڄ به خدا جي لاڏلي امت جي طور ڪنهن کي به پاڻ جهڙو نه ٿا سمجهن. ليڪن ان دوران هنن گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو مرڪز ضرور ٺاهيو آهي جيڪو تسليم ڪري ٿو ته يهودي ڪهڙي به ملڪ ۾ رهندو هجي پهرين يهودي پوءِ ٻيو ڪجهه آهي ۽ ان ڪري دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ مان جيڪو به يهودي چاهي اهو بغير شناخت جي اسرائيل ۾ آباد ٿي سگهي ٿو، اسرائيل وڃي به سگهي ٿو ۽ وري اتان اچي به سگهي ٿو. اهڙي طرح اهو ساڳيو حال سامين جي ٻئي گروهه عربن جو به آهي. هو اسلام کان پهرين به عرب نسل ۾ مبتلا هيا ۽ اسلام کان پوءِ به عرب عصبيت کي دماغ کان ناهن ڪڍي سگهيا. جيترو عرب سعودي آهي اوترو ئي عرب شامي ۽ مصري به آهي، جيترو عرب هڪ مسلمان آهي ايترو ئي عرب هڪ فلسطيني، لبناني ۽ عيسائي به آهي جيترو عرب هڪ ڪويتي سني آهي اوتروئي عرب هڪ عراقي شيعو به آهي. دکن جي سلطنت عثمانيه جي فوج ۾ ڀرتي ٿيندڙ يمن کان ايندڙ چائوش ڀلي ڪيترو به باتان ڪري، اڄ اڍائي سئو سالن کان پوءِ به ان جي اٺين نسل خواب ۾ يمن کي ڏسندي آهي. 14 سئو سال پهرين حجت الوداع جي خطبي کان پوءِ به عربن جي تصور سبب دنيا اڄ به ٻن حصن ۾ ورهايل آهي عربي (صاحب السان) ۽ عجمي (اجنبي ۽ گونگا) جيڪي عرب ان نفسيات کان بظاهر انڪار ڪري توهان کي ان کي 10 منٽ ڏسو پوءِ هو توهان کي ڏسي وٺندو. اهو حال صرف عربن جو نه پر صحرائي اعظم جو برير ۽ نائجيريا جو بلالي مسلمان هجي. جنوبي، سوڊاني، عيسائي پاڻ کي وڪڻي ڇڏيندو پر پنهنجي آفريقي شناخت ڪنهن به قيمت تي نه وڪڻندو. هاڻي رهيو ڏکڻ ايشيا ته هتان جا بنگالي ڀلي مسلمان هجن يا غير مسلم پر هو پنهنجون جڙون بنگال ۾ ئي ڏسن ٿا. هنن کي ڌرتي ڄائي ٿيڻ تي ايترو فخر آهي جيترو هندو، مسلمان يا بوده ٿيڻ تي. اهو ساڳيو ئي حال ملت ۽ انڊونيشيا جو به آهي. عقيدو ڀلي ڪهڙو به هجي ليڪن ڄاڻن ٿا ته جيئڻ ۽ مرڻ جو تعلق انهن جي جنم ڀومي سان آهي انهن جا بزرگ، وڏا هزارين سال پهرين ڪٿان آيا به هوندا ته انهن جي ڪري ئي سڃاتا ويندا. ليڪن بنگال کان علاوهه ڏکڻ ايشيا جا مسلمان ڪهڙا آهن؟ جيڪڏهن هي ان ڌرتي جا ڄاوا آهن ته ٻاهر ڇو ٿا ڏسن جيڪڏهن هي ٻاهران آيل آهن ته اتان جا انهن کي تسليم ڇو نه ٿا ڪن ڪيستائين هي پنهنجي شناخت ڪرائڻ لاءِ صحرائن ۾ ڀٽڪندا رهندا ۽ انهن جي روح کي ڪڏهن سڪون ملندو ۽ انهن جو دل و دماغ ڪڏهن سمجهندو ته اسان اصل ڪهڙي مٽي جا آهيون؟ ڪيترائي ماڻهو اقباليات ۾ پناهه وٺندي اهو وساريو ڇڏين ته هندي ترانو چوڻ وارو اقبال پاڻ اسلامڪ ازم نسلي تفاخر کان نه پر ممڪنه سياسي يڪجهتي جي ڪُکهه مان پيدا ٿيو هو. ليڪن مان جڏهن پنهنجي آسپاس نظر وجهان ٿو ته صفا گهٽ اهڙا مسلمان نظر اچن ٿا جيڪي پاڻ کي هتان جو سڏرائين ٿا ۽ پنهنجي شناخت ٻاهران ڳولڻ ۾ فخر محسوس نه ٿا ڪن. توهان پاڻ اندازو لڳايو ته محمد بن قاسم کان بهادر شاهه ظفر تائين عرب، ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا کان وڌ ۾ وڌ ڪيترا ترڪ، پٺاڻ، ايراني، ڪرد، ڪاڪيشائي فوجي، امرا، درويش يا هنرمند اچي برصغير ۾ آباد ٿيا هوندا؟ ڏهه لک، 20 لک، 30 لک، 50 لک يا هڪ ڪروڙ، اڄ ڀارت ۽ پاڪستان ۾ مسلمانن جي مجموعي تعداد 30 کان 40 ڪروڙ وچ ۾ ٻڌائي وڃي ٿي اها آبادي پوري وچ اوڀر ۽ وچ اولهه ۽ شمالي آفريقا جي مسلمانن کان وڌيڪ آهي. حقيقت اها آهي ته ان 40 ڪروڙ مسلمانن ۾ 90 فيصد مسلمان اهي آهي جنهن جا ابا ڏاڏا صوفي ازم جي طفيل مسلمان ٿيا جيڪڏهن انهن مان به جٽ، راجپوت ۽ بنگالي مسلمان ڪڍيا وڃن ته باقي رهيل مسلمان اڄ به پنهنجا ڏاڏا ابا برصغير کان ٻاهر تلاش ڪندي ڏٺا ويا آهن. مثال طور سڀ کان وڌيڪ سيد جنوبي ايشيا ۾ آهن ۽ سڀني جو شجرو ايران، بخارا ۽ حجاز کان شروع ٿيندو اُتي ئي ختم ٿئي ٿو. يقينن منگولن جي حملن کان پوءِ خاص طور بخارا، سمرقند، ايران ۽ عرب ملڪن کان ماڻهو برصغير هجرت ڪيو پر ڇا سڀ جو سڀ علماءَ، صوفي، بزرگ ۽ ولي هيا؟ ڪو ته هڪ اڌ ترخان، جولاها، لوهار، مزدور ۽ هاري به ان علائقن کان آيو هوندو ۽ اهي آهن ڪٿي؟ چيو پيو وڃي ته هندستان تي مسلمانن هڪ هزار سال حڪومت ڪئي غلام خاندانن کان وٺي مغلن تائين سب اچي هتي رهيا مقامي ريتن رسمن کان به متاثر ٿيا ۽ پنهنجي ريتن رسمن کان به ماڻهن کي متاثر ڪيو دفن به اتي ئي ٿيا پر پاڻ کي مرڻ تائين هندستاني سڏرائڻ بجاءِ ترڪ، مغل ۽ افغاني سڏائيندا رهيا ۽ سڏائين ٿا. اها به ڳالهه قابل غور آهي ته سلطنت مغليه جي زوال کان پوءِ کوڙ سارا مغل پنجاب مان ڇو پيا ملن ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ ڇو نه پيا ڏسڻ ۾ اچن ۽ سڄي مغليت کائڻ تي ختم ڇو پئي ٿئي. اهڙي طرح سان کوڙ سارن پشتونن جو خيال آهي ته هو مقامي يا آريائي نسل نه پر بني اسرائيل جو گم ٿيل ٻارهون قبيلو آهي. ته پوءِ يارنهن قبيلا پنهنجي گم ٿيل ڀاءُ کي تسليم ڇو نه ٿا ڪن؟ ظاهرن توهان جو جواب هوندو ته اهو گم ٿيل قبيلو مسلمان ٿي ويو ته پوءِ يهودي ان کي تسليم ڇو ڪن؟ ته عرض آهي ته اسرائيلي رياست جون ٻه سرڪاري زبانون آهن عبراني ۽ عربي جڏهن ته اسرائيل جي 20 فيصد آبادي عرب مسلمانن تي مشتمل آهي(مقبوضه علائقن جي فلسطينين کان علاوه) ۽ اهو مان پهريون به عرض ڪري چڪو آهيان ته اسرائيلي شهريت جي بنياد يهودي نسل تي هوندو آهي توهان ڀلي اسرائيل کان نفرت ڪندا رهو ليڪن توهان ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي اطمينان ته ڪيو ته توهان پاڻ اصل ۾ آهيو ڪير؟  سنڌي ۾ ايترا قومپرست آهن جو مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، پر جڏهن انهن سان شجري جي باري ۾ بحث ڪيو وڃي ٿو ته ڪلهوڙا، دائود پوٽا فورن سلطنت عباسيه سان پنهنجو رشتو ڳنڍي ڇڏين ٿا، ٽالپور، چانڊيه، جتوئي، زرداري وغيرهه، بلوچ جيڪي پاڻ کي ڪرد جو هڪ قبيلو سمجهن ٿا. صرف بروهي هڪ اهڙا آهن جيڪي پاڻ کي هتان جو سڏين ٿا سومرو نه ڄاڻ ڪڏهن کان سنڌي آهي ليڪن بحث دوران هو به پاڻ کي عربستان کان پنهنجي اچڻ جو ٻڌائيندا آهن. سيد ايسوسيئيشن به توهان کي سنڌ ۾ ئي ملندي. سنڌ جا سماٽ قبيلا پاڻ کي ته هتان جا ئي سڏرائيندا آهن پر ڪنهن کي به اهو سٺو نه لڳندو ته انهن جا وڏا ۽ بزرگ به راجه ڏاهر جي رعيت ۽ هم مذهب رهيا هوندا. مان کوڙ سارن سنڌي دوستن کي سڃاڻان جو فخر سان پاڻ کي سماٽ به سڏرائيندا آهن ۽ اڳئين ساهه کڻڻ وقت اهو به ٻڌائيندا آهن ته محمد بن قاسم سان گڏ يا ان کان ڦورن پوءِ هتي آباد آهيون. آخر ۾ صرف ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ ۽ ٺاڪر وڃي بچن ٿا جيڪي سنڌ ۾ نه ڪٿان آيا ۽ نه ئي وري ڪاٿي ويا. ضياءَ جي دور کان اڳ تعليمي نصاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ضرور هيو جو موهن جو دڙو، هڙپه ۽ ٽيڪسلا کي به پاڪستان جي تهذيبي ۽ نسلي ورثي ۾ شمار ڪيو ويندو هو. پر پنج سال پهرين جڏهن مان موهن جي دڙي جي ميوزم جي اجڙيل ۽ خراب ٿيل حشر بابت پڇيو ته مون ٻڌايو ويو ته اهو ته هندن جو ورثو آهي هندو هاڻي هاڻي هتان هليا ويا آهن اسان کي جيڪو پڄي ٿو ان جي ايتري سار سنڀال ڪري رهيا آهيون وڌيڪ ڇا ڪيون سائين…هڪ طرف ته برصغير جي مسلمانن جي اڪثريت جو اهو خيال آهي ته ان جي رڳن ۾ اڄ به وچ ايشيا کان وٺي حجاز ۽ يمن جو رت ڊوڙي رهيو آهي ۽ انهيءَ سبب ڪري انهن مقامن کان انهن جي عقيدت باقي دنيا جي مسلمانن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. ليڪن جڏهن انهن ئي مسلمانن جو اڄ ڪنهن به ايراني، ترڪ يا عرب ملڪن سان ڪو مسئلو درپيش اچي ٿو ته پوءِ انهن کي هندستان ۽ پاڪستان کي سواءِ ڪجهه به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٽي ٽي نسلن کان آباد کوڙ سارين برصغيرين کي شهريت ڏيڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن کي پنهنجو رفيق ۽ دوست مڃڻ لاءِ به تيار ناهن هوندا. ان جي باوجود برصغير جو مسلمان پنهنجي شناخت ڳولڻ ۽ ان تي فخر ڪرڻ جي عادت وجهڻ بجاءِ پنهنجا شجرا سنڀالي سنڀالي پاڻ ئي خوش ٿيندو رهندو آهي. جيستائين پاڻ کي اندر جهاتي پائڻ بجاءِ هر طرف ڏسڻ جي عادت رهندي تيستائين نه پنهنجي نگاهن ۾ توقير ايندي ۽ نه ئي وري ٻين جي نظرن ۾. پٿر پنهنجي جڳهه وزني هوندو آهي پر اهو محاور سچ ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن پاڻ کي غير برصغيري سوچ کان آزاد ڪرڻ جي اجتماعي ڪوشش نه ڪنداسين ۽ ان مسلمانن قومن کان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪي پنهنجي پنهنجي شناخت تي فخر محسوس ڪندا آهن ليڪن انهن جو اسلام به خطري ۾ ناهي پوندو. توهان هتان جو آهيو ۽ هتان جا ئي رهندو، ڀلي توهان تسليم ڪيو يا نه ڪيو پر ٻيا توهان کي اهو ئي مڃين ٿا. (سنڌيڪار مشتاق حسين مري)

پهنجو تبصرو موڪليو