اسان جي ملڪ ۾ جنسي زيادتي کان انسان ڇا پر جانور به محفوظ ناهن

ڪراچي(رپورٽر) اداڪاره سونيا حسين چيو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جنسي زيادتي جي حوالي سان انسان ته ڇا جانور به محوظ ناهن ميڊيا رپورٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار اداڪاره پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو، هن جو چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ انصاف ڪنهن به پکي جو نالو نه آهي، ڇو ته هتي عام ماڻهو انصاف لاءِ در در ڌڪا کائي ٿو، جتي ٻار ،ٻارڙيون، عورتون، ڪتا ۽ ٻليون ايتري تائين جو قبرن ۾ لاش به محفوظ نه هجن اتي سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکي احتجاج ڪرڻ سان ڪجهه حاصل نه ٿيندو.هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئون انهن ماڻهن کان معزرت ڪريان ٿي جن کي منهنجون ڳالهيون ڏکيون لڳنديون هجن، سچ اهو آهي ته هن وقت اندر ۾ ايتري ڪاوڙ آهي جو اهي لفظ به ڪجهه ناهن، اسان اهڙن نااهل ۽ بدعنوان اڳواڻن جا مستحق ناهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو