ارطغرل سان فراڊ ڪندڙ ٽڪ ٽاڪر رمانڊ تي پوليس حوالي

لاهور (ويب ديسڪ) ترڪي جي مشهور ڊراما سيريل ارطغرل غازي جي هيرو اَينجن اَلطان دُزياتن سان فراڊ جي الزام ۾ لاهور جي مشهور ٽڪ ٽاڪر ڪاشف ضمير کي مئجسٽريٽ ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ارطغرل غازي جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار آءِ جي پنجاب کي آن لائن درخواست ڏيندي شڪايت ڪئي ته ڪاشف ضمير ساڻس معاهدو ڪيو هو ۽ 9 ڪروڙ جا ڪوڙا چيڪ ڏنا هئا.

Photo compliments to Dawn

سندس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. سي آءِ اي پوليس لاهور جو چوڻ آهي ته ڪاشف خلاف اڳ ۾ به فيصل آباد ۽ سيالڪوٽ ۾ فراڊ جا ڪيس داخل آهن ۽ هو عادي فراڊي ڏوهاري آهي. ڪاشف کي خميس تي گرفتار ڪيو ويو هو  سندس ٻن ڏينهن جو رمانڊ ورتو هو ۽ ڇنڇر تي وري وڌيڪ ٻن ڏينهن جو رمانڊ ورتو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو