ارسا جي دعويٰ باوجود سنڌ کي پاڻي نه مليو،سهيل سيال

گڊو(ن سنڌيار) آبپاشي وزير صوبائي وزير سهيل انور سيال چيو آهي ته گڊو بئراج وٽ هن وقت به 68 سيڪڙو گهٽ پاني ملي رهيو آهي، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ به 35 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي، سهيل انور سيال درياهه ۾ پاڻي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ گڊو پهتو جتي کيس چيف انجنيئر طرفان پاڻي کوٽ ۽ درياهي وهڪرن بابت آبپاشي وزير کي بريفنگ ڏني وئي، صوبائي وزير چيو آهي ته ارسا ۽ عمران نيازي جي حڪومت هفتو اڳ دعويٰ ڪئي هئي ته سنڌ جو پاڻي وڌايو ويو آهي، پر اڃا تائين سنڌ کي پاڻي ناهي مليو، کوٽ باوجود بلوچستان کي حصي جو پورو پاڻي ڏئي رهيا آهيون، اسين نه ٿا چاھيون جو بلوچستان جي عوام جو پيئڻ جو پاڻي بند ڪيون، بلوچ اسان جا ڀائر آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو