اربين روپيا خرچ ڪرڻ بعد به هاءِ ويز جي حالت خراب آهي، عدالت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ اربين رپين جو خرچ ڏيکارڻ باجود روڊ تباهه آهن، اين ايڇ اي جو ڪم معياري ناهي. سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ جَي هاءِ ويز بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، اين ايڇ اي چيئرمين کي به ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي. آر سي ڊي هاءِ وي جِي خراب حالت هُجڻ بابت ڪيس ۾ عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته ڪوئيٽا-ڪراچي روڊ تي مسافرن جي تحفظ لاءِ پوليس مقرر ڇو ناهي ڪئي وئي؟. عدالت وڌيڪ چيو تھ بلوچستان ۾ ايف سي مسافرن جي جهڙتي دوران رستا روڪ ڪندي آهي، عدالت جو ايڊيشنل اٽارني جنرل کي ايف سي جي ڪنڊڪٽ تي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو