اداڪاره مريم نفيس ڪورونا وائرس جو شڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي نوجوان اداڪاره مريم نفيس به  عالمي وبا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.اداڪاره مريم نفيس گذريل ڏينهن پنهنجي ساٿي اداڪاره رباب هاشم جي مهندي جي تقريب ۾ به شرڪت ڪئي هئي ۽ هاڻ هن سوشل ميڊيا تي ٻڌايو آهي ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچي ويو آهي. مريم نفيس پنهنجي انسٽاگرام جي ذريعي ٻڌايو ته منهنجو ڪورونا وائرس ٽيسٽ  هاڪاري اچي ويو  جنهن کان پوءِ مون پنهنجو پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو آهي. اداڪاره مريم نفيس ٻڌايو ته مون کي ڪورونا جون سخت نشانيون ظاهر ٿيون آهن ۽ مان هن وقت پنهنجي گهر کان پري آهيان مون کي سڀني جي دعائن جي ضرورت آهي.ان کان علاوه اداڪاره پنهنجي چاهيندڙن کي چيو آهي ته هو ماسڪ جو استعمال ڪن ته جيئن هو پنهنجي حفاظت ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين جي به حفاظت ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو