باجوا جي مدت ملازمت ۾ واڌ واري گناهه جو حصو نه هيس، مريم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آھي تھ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدت ملازمت واري واڌ جي گناهه ۾ هوءَ شامل نه هئي. خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن اهڙو بيان ڏنو ۽ چيو ته مان ان جي منڍ کان حامي نه هئس. سندس اهڙي بيان بعد مسلم ليگ ۾ شهباز شريف جي مفاهمت ۽ نواز شريف جي مزاحمت واري بيانيي تي اختالف اڃا وڌي ويا آهن ۽ ٻئي هڪٻئي جي مخالفت ڪري رهيا آهن. جنرل قمر جاويد باجوا جي مدت ۾ واڌ بابت وزيراعظم عمران خان آگسٽ 2019 ۾ حڪم جاري ڪيو هو جيڪو سپريم ڪورٽ معطل ڪندي قانون سازي جو حڪم ڏنو هو. جنهن بعد جنوري 2020 ۾ پارليامينٽ اتفاق راءِ سان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي سندس ملازمت ۾ 3 سالن جي واڌ جو ترميمي بل منظور ڪيو هو ۽ اپوزيشن جي وڏي جماعت مسلم ليگ (ن) ان جي حمايت ڪئي هئي. مريم نواز جي هن بيان بعد نئون بحث ڇڙي پيو آهي. عمران خان طاقتور کي قانون جَي تابع آڻڻ جا ڀاشن ڏيندو هو، چوندو هو ته جيڪڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ته سمجهي وڃو ته وزير اعظم ڪرپٽ آهي، خان صاحب هاڻ پاڻ کسڪڻ جِي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ميڊيا سان ڳالھائيندي هن چيو ته نواز شريف جي لاهور ۾ ويڪسينيشن واري کِل جوڳي خبر ٻڌي ڳڻتي ٿي آهي، حڪومت جي هر شئي جعلي آهي، هاڻي ماڻهو به چون ٿا ته وزيراعظم جي حيثيت ميئر کان وڌيڪ نه آهي، ڌانڌلي جي پيداوار جو سوراخ بند ٿيڻ تائين چونڊ سڌارن جو ڪوبه اثر نه ٿيندو. مريم نواز چيو تھ  اِي وي ايم ذريعي 2018ع جيان ووٽ چوري ڪرڻ جي نئين ڪهاڻي گَهڙِي پئي وڃي، ادارن جي احترام جو درس ڏيندڙ اليڪشن ڪميشن تي حملي آور آهن، ميمبرز کي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف اڪسائڻ وارو بيان انتهائي خطرناڪ آهي، هن چيو ته جاويد لطيف نواز ليگ جو سچو سپاهي آهي، نوٽيس جي جواب ۾ خبر پئجي ويندي ته سندس بيان پويان ڪهڙا ڪارڻ هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو