ادارا ڪرپٽ حڪومت جي پُٺڀرائي ڪري رهيا آهن،مولانا

پشاور ( ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم سربراھ فضل الرحمان چيو آھي تھ ڌانڌلي ذريعي نااهل ماڻهن کي مڙهي پارليامينٽ جي بي توقيري ڪئي وئي، ادارا ڪرپٽ حڪومت جي پُٺڀرائي ڪري رهيا آهن، کين غيرجانبدار رهڻ گهرجي، شهباز شريف چونڊ سڌارن واري بل تي اي پي سي جي تجويز ڏني آهي، عوام کي ٻيهر منظم ڪنداسين، پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته بجيٽ ۾ حڪومت جا ڪوڙ لڪائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ گوڙ ڪيو ويو، اپوزيشن تي بجيٽ ڪتاب اُڇليا ويا، اهڙي صورتحال ۾ پارليامينٽ بالادست ڪيئن ٿي رهي سگهي، بلوچستان جي محرومين کي نظرانداز ڪري اپوزيشن جا حق ڦٻايا ويا، بڪتربند گاڏي سان اسيمبلي جا در ۽ ميمبرز جا هڏا ڀڳا ويا، 29 جولاءِ تي ڪراچي ۽ 4 جولاءِ تي سوات ۾ پي ڊي ايم جا تاريخي جلسا ڪيا ويندا، پي ڊي ايم پنهنجي موقف تي قائم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو