احساس ڪفالت جي ايجنٽن جو صحافين کي ڪٽڪو

نوشھروفيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي)مورو بوائز ھاء اسڪول ۾ ھلندڙ احساس ڪفالت پروگرام جي ڪوريج لاء آيل صحافي انور علي سولنگي ۽ رضوان جماڻي تي احساس ڪفالت سينٽر جي ايجنٽن سرفراز ڪورائي ۽ ٻين نامعلوم ماڻھن پاران حملو ڪيو ويو. متاثره صحافين عوامي پريس ڪلب نوشھرو فيروز پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان کي ڪجهه ماڻھن شڪايت ڪئي ته احساس ڪفالت سينٽر تي پئسن مان ڪٽوتي ٿي رھي آھي جنھن جي ڄاڻ وٺڻ ۽ ڪوريج لاء پھتا سين ته اتي موجود ايجنٽ سرفراز ڪورائي ۽ ان جي ڪارندن اسان مٿان حملو ڪري تشدد ڪيو ۽ ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا, اسان حملي جي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاء پي ايس مورو پھتا سين ته ايس ايڇ او   قربان قمبراڻي رپورٽ لکڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته ڊي سي نوشھرو فيروز سان وڃي ملو اسان نوشھرو فيروز پھچي ڊي سي صاحب سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻڌايو ويو ته ڊي سي صاحب آفيس ۾ ناھي ان کان پوء اي سي صاحب جي آفيس به چڪر لڳايو پر ھو به پنھنجي آفيس ۾ موجود نه ھئا, ان ڪري اسان مجبورن عوامي پريس ڪلب نوشھرو فيروز پھچي اسان  سان ٿيل ناجائزين  خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي , صحافين وڌيڪ چيو ته جتي قلم ڌڻي محفوظ نه ھجن ته اتي عام انسان سان ڇا حالت ھوندي؟ هنن جوابدارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته کين تحفظ ڏنو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو