احساس قسط جاري، سرگرم ٺڳ گرفتار، پئسا واپس

ڪراچي (نمائندن وٽان) وزيراعظم جي اعلان بعد احساس پروگرام هيٺ خميس تي سڄي ملڪ جيان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ به 12 هزار روپيا في خاندان روڪ رقم جاري ڪئي وئي. رقم جاري ڪرڻ سان ايجنٽ ۽ ٺڳ به سرگرم ٿي ويا.اڪثر سينٽرن تي هڪ هزار روپيا في خاندان ڪٽوتي جون شڪايتون ملنديون رهيون، ڪيترن سينٽرن تي پوليس ڇاپڻ بعد ٺڳ فرار ٿي ويا، سکر، ڪلوئي، نئون ڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ ٺڳڻ ۽ ايجنٽن کي پوليس گرفتار ڪري رقم واپس ڪرائي ڪيس داخل ڪري ڇڏيا. *** سکر مان جئرام داس موجب احساس پروگرام جي قسط جاري ٿيندي ئي ٺڳ به سرگرم، عورتن کي احساس ڪارڊ ڏيارڻ بهاني ڦرلٽ، پوليس چئن ٺڳن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. سکر ضلعي ۾ وفاقي حڪومت پاران مستحق عورتن ۾ رقم تقسيم ڪرڻ جي سلسلي ۾ 61 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جن تي عورتن جي رش لڳي وئي. پنوعاقل ۽ بائيجي سينٽرن تي عورتن کي ٺڳيندڙ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ، ايس ايس پي سکر عرفان سمون مطابق گرفتار جوابدار مستحق عورتن کان احساس ڪارڊ ڏيڻ بهاني 3 سئو کان 5 سئو رپيا رشوت وٺي رهيا هئا، عورتن جي شڪايت تي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري پنوعاقل ۽ بائيجي ٿاڻن تي قلم 420 ۽ 406 تحت ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، پوليس مطابق گرفتار جوابدار پاڻ کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا آفيسر سڏرائي عورتن کي ڦرلٽ ۾ مصروف هئا، پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن  ۾ وسيم موچي، عبدالوحيد ميراڻي، سنيل ڪمار ۽ اندر لال شامل آهن، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، پوليس جوابدارن کان ٺڳيل 38 هزار رپين جي رقم پڻ وصول ڪئي آهي.***ڪلوئي مان غلام مصطفيٰ نهڙيو موجب پوليس احساس ڪفالت جي مستحقين جي امدادي پئسن مان ناجائز ڪٽوتي ڪندڙ 3 دڪاندارن خالد لنڊ لڇمڻ ڀيل ۽ شوڪت هوٿي کي گرفتار ڪري ورتو. ***سڪرنڊ مان راج ڪماراوڏ  موجب حبيب بئنڪ سڪرنڊ برانچ پڻ اي ٽي ايم ذريعي پيسا ڏنا ويا. صبح سان ئي حبيب بئنڪ تي عورتن جي آمد شروع ٿي وئي.

ٿوري ئي وقت ۾ سوين عورتون گڏ ٿي ويون ۽ کين 12000 رپيا وصول ٿي رھيا ھئا. عورتن جو ايترو ته هجوم گڏ ٿي ويو جو لاڪ ڊائون جي هدايتن تي عمل نه ٿي سگهيو. انتظاميا طرفان ڪي به احتياطي اپاء نه ورتا ويا. ***نئون ڪوٽ مان پيارعلي نھڙيو  موجب قسط جاري ٿيڻ شرط نئون ڪوٽ جي ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ جي رٽيل سينٽرن بجاءِ شھر جي مختلف محلن ۾ وڃي ايجنٽ ۽ ٺڳ متاثر غريب پورهيت عوام کي لٽڻ لڳا. في ڪارڊ تي ٻارنهن هزار روپين مان پنج سئو کان هزار تائين ڪٽوتي ڪئي وئي. صحافين جي ٽيم متاثرن جي نشاندهي تي ڄاڻايل هنڌ پهتي ته وڏو هجوم هو،

اطلاع تي ايس ايڇ او نئون ڪوٽ راڻو راٺوڙ پوليس نفري ساڻ ڪري مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا هڪ ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ رٽيلر  راڻو مالهي کي گرفتار ڪري متاثرن کان ڪٽوتي ڪيل رقم واپس ڪرائي وئي جڏهن ته ٽي رٽيلر  لالچند ڀيل شهباز سنتوش مالهي ۽ عرفان قائمخاني پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويا  ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو ۽ ڪلوئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سينٽرن کان سواءِ ڪنهن  به ايڇ بي ايل ڪونيڪٽ رٽيلرن کي اجازت نه آهي اگر ڪير لڪ ڇپ ۾ ڪم  هلائي ٿو ته اهو غير قانوني آهي انھن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. *** روهڙي مان امان الله سومرو موجب احساس پروگرام ھيٺ مستحق خاندانن ۾ پيسا ورھائڻ جو سلسلو اڄ صبح 8 بجي کان شام 5 بجي تائين جاري رھيو. پيسا ورھائڻ دوران حڪومتي خاطري باوجود ڪورونا وائرس جي ڦھلجڻ کي روڪڻ لاءِ حڪومتي دعويٰ ھوا ۾ اڏامي وئي. مستحق عورتن سان گڏ آيل مردن کي ترسائڻ لاءِ ڪي خاطر خواهه اپاءَ نه ورتا ويا،

گورنمينٽ هاءِ اسڪول روھڙي ٻاهران پوليس گاڏي سان گڏ ڪيترائي مرد سوشل ڊسٽينسنگ جي کلي عام ڀڃڪڙي ڪندا رهيا تنھن باوجود سينٽر انتظاميا ڪي خاطر خواهه اپاءَ وٺڻ بجاءِ سين تان غائب رهي. ضلعي انتظاميا سان رابطي بعد ٻڌايو ويو ته پيسا ورھائڻ وارو عمل 10 کان 15 ڏينهن جاري رھندو ۽ روھڙي تعلقي لاءِ ضلعي انتظاميا پاران گورنمينٽ بوائز ھائي اسڪول بيدل بيڪس، گورنمينٽ گرلز مڊل اسڪول شھدادو محلا، گورنمينٽ گرلز ھائير سيڪنڊري اسڪول، گورنمينٽ بوائز ھائي اسڪول علي واھڻ، گورنمينٽ اسڪول ڪنڊي فارم، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول پٽني، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول فقير آباد، گورنمينٽ مڊل اسڪول بھرو، گورنمينٽ مڊل اسڪول اروڙ، گورنمينٽ بوائز ھائي اسڪول ۽ گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول ڪنڌرا، گورنمينٽ پرائمري اسڪول روشن آباد، گورنمينٽ مڊل اسڪول ٽرمونھ، گورنمينٽ مڊل اسڪول اڃيون ڪبيون، گورنمينٽ ھائي اسڪول سنگرار ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول داديھ روھڙي شامل ڪيا ويا آهن.ياد رهي ته ملڪ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجو شناختي ڪارڊ 8171 تي موڪلي احساس پروگرام ۾ شامل ٿيڻ وارو عمل اڃان تائين جاري آهي.*** پيرجوڳوٺ مان رپورٽر موجب پرائيويٽ سينٽرن تي ايجنٽ مافيه رڻ ٻاري ڏنو آهي في ڪارڊ تان 1000 روپيه ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، ان ڏس ۾ عورتن مسمات زهران، شمل، فاطمه ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته اسان هاءِ اسڪول صدرجي ڀٽيون ۾ پئسا حاصل ڪرڻ لاءِ وياسين جتي ايجنٽن پاران هڪ هزار روپيه ڪٽوتي ڪئي جيڪو اسان سان وڏو ناحق آهي، جڏهن ته پيرڳوٺ شهر ۾ پڻ ايجنٽ مافيا غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن کان في ڪارڊ تي هڪ هزار روپيه ڪٽوتي ڪري پريشان ڪيو.***مبارڪپور مان قربان مهر موجب ڳوٺ لال ڀٽي ۾ احساس ڪفالت سينٽر تي مستحق عورتن کان هزار رپين جي ڪٽوتي وارين شڪايتن تي ميرپور ٻرڙو پوليس سينٽر کي بند ڪرائي ڇڏيو

جڏهن ته متاثر عورتن پئسن جي ناجائز ڪٽوتي خلاف ٺل شڪارپور روڊ تي نٽهڻ اس ۾ احساس ڪفالت عملي خلاف احتجاج ڪيو. مستحق عورتن مسمات حليمان مسمات شريفان ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته امدادي رقم جي 12000 هزار رپين مان عملي طرفان 1000 رپين جي ناجائز ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي متاثر عورتن جي شڪايتن تي سينٽر کي بند ڪرائي ظلم ڪيو آهي. پوليس عملي جي ڪارڪنن خلاف ڪاروائي ڪري. ايس ايڇ او ميرپور ٻرڙو وزير ڀٽو  ٻڌايو ته احساس پروگرام ۾ متاثر عورتن طرفان امدادي رقم جي ڪٽوتي وارين شڪايتن تي في الحال سينٽر کي بند ڪيو آهي مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون. *** ڊگھڙي مان نويد شاهه موجب مختيارڪار عبدالغفار ملاح احساس ڪفالت پروگرام جي بوائز هاء اسڪول ڊگھڙي ۾ قائم سينٽر جو اوچتو دورو ڪري عورتن کي ملندڙ پئسن بابت تفصيل ورتا

ان موقعي تي مختيارڪار ڊگھڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملندڙ پئسن مان ڪنهن به شخص ڪٽوتي ڪئي ته ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي سينٽر تي پئسا کڻڻ لاء ايندڙ عورتن جي لاء ويهڻ  ۽ پيئڻ لاء صاف پاڻي جي سهولت جلد فراهم ڪئي وڃي ۽ گهڻي رش نه ٿيڻ ڏني وڃي ۽ ڪرونا وائرس بچاء لاء احتياطي اپائن تي عمل ڪيو وڃي.*** غوثپور مان عبدالنبي ملڪ موجب احساس ڪفالت پروگرام تحت في خاندان کي 12 هزار رپيا ڏيڻ شروع ڪيو ويو غوثپور جي دڙي سندراڻي جي هائيرسيڪنڊري اسڪول ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جتي سون جي تعداد ۾ عورتون توڙي مرد سينٽر ۾ ڪاهي پيا

ضلعي انتظاميا طرفان سوشل ڊسٽينس بجاءِ عورتن توڙي مردن جي سينٽر اندر توڙي ٻاهر هجوم رهيا جتي ڪورونا وائرس سبب شهرن اندر لاڪ ڊائون ڪري 144 قلم لاڳو هجڻ باوجود ضلعي انتظاميا روڪٿام لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا. ***مٽياري مان رياض چانڊيو موجب لاڪ ڊائون جي اڌ مهيني جي صلاح مشورن ۽ اجلاسن بعد بالآخر وفاقي حڪومت پاران عوام کي رليف ڏيئڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي

ان حوالي سان مٽياري ۾ اڄ احساس ڪفالت پروگرام تحت مستحق عورتن کي 12 هزار رپين واري قسط جي ادائيگي شروع ٿي وئي. ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ سينٽر قائم ڪيو ويو جتي پوليس ۽ رينجرس جي وڏي نفري ليڊيز پوليس سان گڏ موجود هئي ان کان علاوه سينٽر اندر 3 ٽي فوٽن جي مفاصلي تي گول دائرو ٺاهي عورتن کي ويهاريو ويو جنهن بعد هڪ هال نما ڪمري ۾ ڊيسڪون رکي عورتن کي ويهاري نمبر سان پئسا ڏنا پئي ويا مٽياري ۾ پهرين ڏينهن هڪ هزار کان وڌيڪ عورتن کي 12 هزار في عورت ڏنا ويا جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مٽياري اشتياق منگي ۽ مختيارڪار مٽياري غلام مصطفيٰ شر احساس ڪفالت سينٽر جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو .***خانپورمهر  مان آفتاب سيال موجب هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ احساس پروگرام سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. جڏھن جتي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪارن مقرر ڪري عورتن کي وظيفي واري رقم مستحق عورتن کي ڏني پئي وڃي جڏهن ته سينٽر تي عورتن جي وڏي رش لڳل آهي.

ھوڏانھن احساس ڪفالت پروگرام جي شروعات ٿيندي غير قانوني ايجنٽ سرگرم ٿي ويا آهن. جن مختلف ڳوٺن ۾ وڃي غيرقانوني ڊيوائس ذريعي  مستحقين عورتن کي 12 هزار رپيا رقم ڏيڻ ۽ هزار روپيا ڪٽوتي ڪرڻ شروع ڪئي. خانپور مان ايجنٽ انيل ڪمار. ستيش ڪمار ۽ امداد سومرو، شاهپورمهر مان دليپ ڪمار کي گرفتار ڪيو ويو.  ٻين ننڍن شهرن لنڊ بازار. لوهي. سردار ڳڙھ. ۾ به ايجنٽ سرگرم آهن جيڪي عورتن جي وظيفي واري رقم هڪ هزار ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. ايس ايڇ او خانپورمهر مٺل ککراڻي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته ٻئي ايجنٽ ڊوائيس کڻي خانپورمهر لڳ مختلف ڳوٺن ۾ مستحق عورتن جي 12 هزار رپيا رقم مان 500 کان هڪ هزار رپيا ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، اهڙي اطلاع تي پوليس ڳوٺ ڇتن مهر ۾ ٻنهي ايجنٽن کي مستحق عورتن جي پيسن مان غيرقانوني ڪٽوتي ڪندي گرفتار ڪيو. پوليس جوابدارن وٽان هڪ ڊوائيز 3 موبائل فون ۽ 60 هزار روڪ رقم پڻ هٿ ڪري ورتي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو